آسٽريليا
اوشيانا کنڊ جو ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
آسٽريليا (انگريزي ٻولي: Australia) جنھن کي "فيڊريشن آف آسٽريليا" يا "آسٽريليا جو وفاق" پڻ چوندا آهن. اهو لاطيني لفظ "آسٽرالس"[8] مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”ڏاکڻي زمين“.[9] ھن ملڪ جو سرڪاري نالو "آسٽريليا جي دولت مشترڪه" يا "ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا" آهي.[10] اھو اوشينيا کنڊ جو ھڪ خودمختيار ملڪ آهي جنھن ۾ آسٽريليا واري ڌرتيءَ سان گڏوگڏ تسمانيا ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا ٻيٽ شامل آهن. ھي ملڪ پکيڙ ۾ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ملڪ آهي پر ان جي ابادي اڍائي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي.[11] ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا ۽ وڏي ۾ وڏو شھر سڊني آھي. ملڪ جا ٻيا مشھور شھر ميلبورن، برسبين، پرٿ ۽ ايڊيليڊ آھن.
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
گادي جو هنڌ | ڪينبرا 35°18′29″S 149°07′28″E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | سڊني | ||||
قومي ٻولي | آسٽرلين انگلش[N 1] | ||||
مقامي آبادي | |||||
حڪومت | فيڊرل پارليامينٽري ۽ آئيني بادشاهت | ||||
راڻي ايلزبيٿ ٻين | |||||
سر پيٽر ڪوسگروو | |||||
• وزيراعظم |
ميلڪم ٽرن بل | ||||
• نائب وزيراعظم |
مخائيل ميڪ ڪورمئڪ | ||||
• چيف جسٽس |
سوسن ڪيفل | ||||
• سينيٽ جو صدر |
اسڪاٽ رئن | ||||
• اسپيڪر |
ٽوني سمٿ | ||||
مقننه | پارليامينٽ | ||||
سينيٽ | |||||
ھائوس آف ريپرزنٽٽيٽو | |||||
'خودمختياري: گريٽ بريٽن ۽ آئرلينڊ جي يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان | |||||
• وفاق جو آئين |
1 جنوري 1901 | ||||
• ويسٽ منسٽر وارو قانون نافذ ٿيو |
9 آڪٽوبر 1942 ( 3 سيپٽمبر 1939 کان عمل ۾ آيو) | ||||
• آسٽريليا جو 1986 وارو قانون |
3 مارچ 1986 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
7٬692٬024 km2 (2٬969٬907 sq mi) (6th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.76 | ||||
آبادي | |||||
• 2024 اندازو |
26,442,900[5] (51st) | ||||
• 2016 مردم شماري |
23,401,892[6] | ||||
• گھاٽائي |
3.4 /km2 (8.8 /sq mi) (236th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.296 ٽرلين ڊالر [7] (19th) | ||||
• في سيڪڙو |
$51,536[7] (17th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.48 ٽرلين ڊالر [7] (13th) |
ھي ملڪ زندگي جي گوناگونيت سان ڀرپور آهي. ھتي مختلف قسمن جا زميني ميدان، ريگستان، جبل، ٻيلا، درياء، ڍنڍون ۽ سمنڊ واقع آھن جن ۾ جانورن، پکين، ريڙهيون پائيندڙ جانورن، مڇين، جيتن وغيره جون بي شمار جنسون ملن ٿيون. ملڪ جي آبادي جي گھاٽائي دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ م گھٽ م گھٽ واري آھي. ھتي ھڪ چورس ڪلوميٽر جي پکيڙ لاء صرف 2.8 ماڻھو آھن.[12] ھن ملڪ جي آمدني جي ذريعن م کاڻون، ٽيلي ڪميونيڪيشن، بينڪاري، صنعت، تعليم شامل آهن.[13][14][15] ھي ملڪ تمام گھڻو ترقي يافته آهي جيڪو ڪل قومي پيداوار جي لحاظ کان دنيا جي چوڏھين وڏي معيشت آھي. في ڪس آمدني جي لحاظ کان ھي ملڪ عالمي بينڪ جي ڏنل درجي مطابق دنيا م ڏھين نمبر تي آهي.[16] فوجي خرچن جي لحاظ کان دنيا م 13 نمبر تي آهي.[17]