اوشينيا
From Wikipedia, the free encyclopedia
اوشيانيا (انگريزي: Oceania) دنيا جي ھڪ وڏي جاگرافيائي خطي يا کنڊ جو نالو آهي جنھن ۾ آسٽريليا، ميلنيشيا، مائڪرونيشيا ۽ پولينيشيا شامل آهن.[3] جيڪو ڌرتي جي اوڀر واري اڌ گولي ۽ اولھ واري اڌ گولي تي مشتمل آهي. اوشيانيا جي پکيڙ 85,25,989 چورس ڪلوميٽر (32,91,903 اسڪوائر ميل) آهي ۽ 2022 ۾ 44.4 ملين کان وڌيڪ آبادي آهي. خشڪي جي لحاظ کان ھي دنيا جو سڀ ننڍڙو کنڊ آھي ۽ آبادي جي لحاظ کان انٽارڪٽيڪا کان پوءِ دنيا جو ٻيون نمبر ننڍڙو کنڊ آھي. اوشيانيا ۾ واقع ملڪي معيشتون گُهڻَ قسمن جون آھن جن ۾ تمام وڏا ترقي ماڻيل ملڪ، عالمي مقابلي واريون آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ نيو ڪيليڊونيا جي مارڪيٽن واريون معيشتون جيڪي اعلیٰ معيار زندگي واريون آهن ۽ انھن جو انساني ترقي جو اشاريو اوچو آهي.
ترت ڄاڻ پکيڙ, آبادي ...
پکيڙ | 8٬525٬989 km2 (3٬291٬903 sq mi) |
---|---|
آبادي | 40,117,432 (2016, 6th)[1] |
گھاٽائي | 4.19 /km2 (10.9 /sq mi) |
جي ڊي پي (ناليوار) | $1.630 ٽرلين ڊالر (2018, 6th) |
جي ڊي پي (في ماڻھو) | $41,037 (2017, 2nd)[2] |
آبادي جي سڃاڻپ | اوشيانيئن يا اوشيانيائي |
ملڪ | 14 (لسٽ)
اضافي لسٽ
|
ماتحت علائقا | (18) ٻاھريان (غير خود مختيار)
(8) اندريان (لسٽ)
|
ٻوليون | |
ٽائيم زون | UTC+09
(پاپوا کان پالائو) UTC-6 (ايسٽر آئلينڊ) (اولھ کان اوڀر) |
وڏا شھر | اوشيانا جا مشهور شھر
|
بند ڪريو