![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/c/cf/Malayophone_world.svg/langsd-640px-Malayophone_world.svg.png&w=640&q=50)
ملائي ٻولي
From Wikipedia, the free encyclopedia
ملائي ٻولي: (انگريزي: Malay language ) ملائيشيا جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي آھي۔ ھي آسٽرونيشيائي ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي جن ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ پيسيفڪ سمنڊ جي علائقن جون ٻوليون اچي وڃن ٿيون۔ اھا ٻولي ملائيشيا، برونائي، اوڀر تيمور، سنگاپور، انڊونيشيا جي اڪثر ۽ ٿائيلينڊ جي ۽ ڏکڻ فلپائن جي ڪجهه حصن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ ماڻھو اٽڪل 29 ڪروڙ آھن. ملائي ٻولي ۾ ان جو نالو ڀاسا ملائيو آھي. ھن ٻوليء جو اسڪرپٽ لئٽن يا رومي آھي. ان کان سواءِ ان جو عربي ۽ جاوي اسڪرپٽ پڻ آهي.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/c/cf/Malayophone_world.svg/220px-Malayophone_world.svg.png)