![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/3/30/Flag_of_Nauru.svg/langsd-640px-Flag_of_Nauru.svg.png&w=640&q=50)
نائورو
From Wikipedia, the free encyclopedia
ناراو (Nauru) جو سرڪاري نالو ناورو جي ريپبلڪ آھي. ان جو پراڻو نالو پليزینٽ آئلينڊ ھو. ھي ملڪ اوشيانا کنڊ جي علائقي جي پيسيفڪ سمنڊ جي ٻيٽن واري علائقي مائڪرونيشيا ۾ واقع آهي. ان جو سڀ کان ويجھو پاڙيسري ملڪ ڪیريباتي آھي جنھن جو بانابا ٻيٽ ھن ملڪ جي اوڀر طرف 300 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ان جي اتر۔اولھ ۾ ٽوالو ۽ اتر۔اوڀر ۾ 1300 ڪلوميٽر جی مفاصلی تي سولومن ٻيٽ واقع آھن.[3] اوڀر۔اتر م پاپوا نيوگني، ڏکڻ۔اوڀر ۾ مائڪرونيشيا جون وفاقي رياستون ۽ ڏکڻ ۾ مارشل ٻيٽ واقع آهن. نائورو جي ڪل پکيڙ 21 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ ۽ مناڪو کان پوء پکيڙ م ھي دنيا جو ٽيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي ۽ يورپ کان ٻاھر دنيا جو ۽ پيسفڪ سمنڊ جو سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي. آبادي م ھي ملڪ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ ۽ ٽوالو کان پوءِ دنيا جو ٽيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي.ھي ملڪ گڏيل قومن، پيسيفڪ آئلينڊ فورم، قومن جي دولت مشترڪه ۽ آفريڪن ڪيريبئن اينڊ پيسيفڪ گروپ آف اسٽيٽس جو رڪن آھي.
جمهوريه نائورو نائورو ريپبلڪ | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"سڀ کان اول خدا جي مرضي " | |||||
ترانو: نائورو اسان جو وطن | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | يارين (اصل ۾ ) 0°32′S 166°55′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | دنيگومودو | ||||
دفتري ٻوليون | نائوري انگريزي | ||||
نسلي گروھ |
| ||||
مقامي آبادي | نائووئن | ||||
حڪومت | وحدانيپارلياماني غير جماعتي جمھوريت | ||||
• صدر |
لائونل آئنجيميا | ||||
• اسپيڪر |
مارڪوس اسٽيفن | ||||
مقننه | پارليامينٽ | ||||
آزادي | |||||
31 جنوري 1968 | |||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
21 km2 (8.1 sq mi) (193rd) | ||||
• پاڻي (%) |
0.57 | ||||
آبادي | |||||
• آڪٽوبر
2018 مردم شماري |
11,200[1] (234th) | ||||
• گھاٽائي |
480 /km2 (1٬243.2 /sq mi) (25th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$160 million[2] (192nd) | ||||
• في سيڪڙو |
$12,052[2] (94th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$114 million[2] |