مدد:سنوار
From Wikipedia, the free encyclopedia
صفحو ڪيئن سنوارجي؟؟ وڪيپيڊيا تي پھريون دفعو اچڻ وارو صاحب يا صاحبہ يا پھريون دفعو ھن انسائيڪلوپيڊيا ۾ ڪجهہ واڌورو ڪرڻ جي خواهش مند قاري جي ذھن ۾ پيدا ٿيڻ وارو سوال. اچو تہ مان پنھنجي سطح تي ڪوشش ڪريان ٿو تہ نون ايندڙن جي رھنمائي ڪري سگهان. وڪيپيڊيا ۾ صفحن ۾ سنوار ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان پھريان تہ اوھان جي ڪمپيوٽر کي ان قابل ھجڻ گهرجي تہ تہ ان ۾ سنڌي لکي سگهجي. ڪوشش ڪريو تہ سادي سنڌيءَ ۾ لکو جيڪڏھن ڪجهہ انگريزي اصطلاح سنڌي ۾ رائج آھن تہ انھن کي زبردستي سنڌي يا اردو ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪا ضرورت نہ آھي. ان کان بعد اوھان وٽ معلومات جو ھڪ وسيع ذخيرو ھجڻ گهرجي. يا وري توھان ۾ معلومات کي ڪنھن ٻي ٻولي کان سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي صلاحيت ھجڻ گهرجي. ان کان علاوه اوھان کي بالغ نظر ۽ اڻڌريو بہ ھجڻ گهرجي ڇو تہ اوھان جو لکيل مواد ايندڙ نسلن جي امانت آھي. ان لاءِ ان ۾ ڌر جي ملاوٽ ايندڙ نسلن سان خيانت آھي.
Note: You can use the sandbox to experiment with page editing. |