برسبين
From Wikipedia, the free encyclopedia
From Wikipedia, the free encyclopedia
برسبين (انگريزي: Brisbane) [1] آسٽريليا جو ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ ان جي رياست ڪوئينزلينڊ جو گادي جو هنڌ ۽ ان رياست جو سڀ کان وڏو شھر آھي.[2] شھر جي آبادي سال 2018ع جي ڪاٿي مطابق اٽڪل 25 لک آھي.[2] [3] برزبين سائوٿ ايسٽ ڪئينس لينڊ جي ميٽروپوليٽن ريجن جي مرڪز ۾ واقع آهي ۽ ان ميٽروپوليٽن جي آبادي 36 لک آھي.[3] برزبين جو واپاري مرڪز پراڻي شھر تي مشتمل آهي جيڪو برزبين ندي تي واقع آهي ۽ اھا ندي 15 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪورل سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.[4] ھن شھر جي رھندڙن کي برزبينائيٽ سڏيندا آهن.[5][6] ھن شھر جا ٻيا عام نالا برزي ۽ رور سٽي ۽ برزويگس آھن.[7].[8] ھي شھر آسٽريليا جي پراڻن شھرن مان ھڪ آھي جتي قديم زماني م مقامي ماڻھن: جگيرا ماڻھن ۽ تربل ماڻھن آباد ٿيا ھيا ۽ بعد ۾ سڊني ۾ پينل ڪالوني ٺھڻ کان پوءِ انگريزن قيدين لاء نئين پينل ڪالوني ٺاھڻ لاء 1824ع ۾ ان علائقي جي ريڊڪلف واري جاء کي چونڊيو ويو جيڪا پوء ھن شھر م تبديل ٿي وئي.[9] ھن شھر جو نالو برزبين يا برسبين برزبين ندي تان پيو ۽ ان ندي تي اھو نالو نيو سائوٿ ويلز جي اسڪاٽ نسل واري گورنر سر ٿامس برزبين جي نالي تان پيو. سڊني واري ڪالوني بعد برزبين واري جاء تي ھڪ نئين ڪالوني لاء ان ندي واري جاء کي چونڊيو ويو. 1859ع م جڏهن نيو سائوٿ ويلز مان ھڪ حصو ڌار ڪري ڪئينس لينڊ نالي نئين رياست ٺاھي وئي تہ برزبين کي ان رياست جي گادي جو هنڌ بڻايو ويو. ڪثير ثقافتي مرڪز واري ھن شھر جي آبادي جو %32.2 ماڻھو ملڪ کان ٻاھر جا پيدا ٿيل آھن.[10] ھي شھر گلوبلائيزيشن اينڊ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ مطابق دنيا جي بيٽا پلس شھرن ۾ شمار ٿئي ٿو.[11] [12] ان جو شمار دنيا جي سڀ کان وڌيڪَ رھڻ جي قابل شھرن ۾ ٿئي ٿو.[13][14]
برزبين ڪوئنزلينڊ | ||||||||
[[File: ڪينگرو پوائنٽ کان افقي منظر ٽرانسديو برزبين فيري اسٽوري پل ھيٺان گذرندي، برزبين سٽي ھال سائوٿ بينڪ پارڪلينڊس; ڪئينسلينڊر آرڪيٽيڪچر ڪئينسلينڊ ڪلچرل سينٽر پئنوراما | ||||||||
آبادي: | 2,514,184[15] (3rd) | |||||||
• ڪثافت: | 155/km² (401.4/sq mi) | |||||||
متناسقات: | 27°28′04″S 153°01′41″E | |||||||
رقبو: | 15842 km² (6,116.6 sq mi)[16][17] (2016 GCCSA) | |||||||
منطقہ وقت: | AEST (UTC+10:00) | |||||||
مقام: | ||||||||
آسٽريلوي مقامي حڪومت: |
| |||||||
علائقو: | سائوٿ ايسٽ ڪئينسلينڊ | |||||||
ڪاؤنٽي: | اسٽينلي, ڪيننگ, ڪيونڊش ڪائونٽي, چرچل, وارڊ | |||||||
رياست / علائقو انتخاب: | 41 انتخابي ڊويزنون | |||||||
وفاقي ڊويزن: | ھائوس آف ريپريزنٽيٽو، آسٽريليا جا 17 تڪ | |||||||
|
برسبين (انگريزي: Brisbane) [23] آسٽريليا جو ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ ان جي رياست ڪوئينزلينڊ جو گادي جو هنڌ ۽ ان رياست جو سڀ کان وڏو شھر آھي.[24] شھر جي آبادي سال 2018ع جي ڪاٿي مطابق اٽڪل 25 لک آھي.[24] [25] برزبين سائوٿ ايسٽ ڪئينس لينڊ جي ميٽروپوليٽن ريجن جي مرڪز ۾ واقع آهي ۽ ان ميٽروپوليٽن جي آبادي 36 لک آھي.[25] برزبين جو واپاري مرڪز پراڻي شھر تي مشتمل آهي جيڪو برزبين ندي تي واقع آهي ۽ اھا ندي 15 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪورل سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.[26] ھن شھر جي رھندڙن کي برزبينائيٽ سڏيندا آهن.[27][28] ھن شھر جا ٻيا عام نالا برزي ۽ رور سٽي ۽ برزويگس آھن.[29].[30] ھي شھر آسٽريليا جي پراڻن شھرن مان ھڪ آھي جتي قديم زماني م مقامي ماڻھن: جگيرا ماڻھن ۽ تربل ماڻھن آباد ٿيا ھيا ۽ بعد ۾ سڊني ۾ پينل ڪالوني ٺھڻ کان پوءِ انگريزن قيدين لاء نئين پينل ڪالوني ٺاھڻ لاء 1824ع ۾ ان علائقي جي ريڊڪلف واري جاء کي چونڊيو ويو جيڪا پوء ھن شھر م تبديل ٿي وئي.[31] ھن شھر جو نالو برزبين يا برسبين برزبين ندي تان پيو ۽ ان ندي تي اھو نالو نيو سائوٿ ويلز جي اسڪاٽ نسل واري گورنر سر ٿامس برزبين جي نالي تان پيو. سڊني واري ڪالوني بعد برزبين واري جاء تي ھڪ نئين ڪالوني لاء ان ندي واري جاء کي چونڊيو ويو. 1859ع م جڏهن نيو سائوٿ ويلز مان ھڪ حصو ڌار ڪري ڪئينس لينڊ نالي نئين رياست ٺاھي وئي تہ برزبين کي ان رياست جي گادي جو هنڌ بڻايو ويو. ڪثير ثقافتي مرڪز واري ھن شھر جي آبادي جو %32.2 ماڻھو ملڪ کان ٻاھر جا پيدا ٿيل آھن.[32] ھي شھر گلوبلائيزيشن اينڊ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ مطابق دنيا جي بيٽا پلس شھرن ۾ شمار ٿئي ٿو.[33] [34] ان جو شمار دنيا جي سڀ کان وڌيڪَ رھڻ جي قابل شھرن ۾ ٿئي ٿو.[35][36][37]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.