اوشينيا
From Wikipedia, the free encyclopedia
اوشيانيا(انگريزي: Oceania) دنيا جي ھڪ وڏي جاگرافيائي خطي يا کنڊ جو نالو آهي جنھن ۾ آسٽريليا، ميلنيشيا، مائڪرونيشيا، پولينيشيا شامل آهن[3]. جيڪو ڌرتي جي اوڀر واري اڌ گولي ۽ اولھ واري اڌ گولي تي مشتمل آهي. اوشيانيا جي پکيڙ 8٬525٬989 ڪلوميٽرزچورس (3٬291٬903 sq mi) آهي. ان جي آبادي 410 لکن جي لڳ ڀڳ آهي. خشڪي جي لحاظ کان ھي دنيا جو سڀ ننڍڙو کنڊ آھي ۽ آبادي جي لحاظ کان اينٽارڪٽيڪا کان پوءِ دنيا جو ٻيون نمبر ننڍڙو کنڊ آھي. اوشيانيا ۾ واقع ملڪي معيشتون گُهڻَ قسمن جون آھن جن ۾ تمام وڏا ترقي ماڻيل ملڪ، عالمي مقابلي واريون آسٽريليا، نيو ڪيليڊونيا ۽ نيوزيلينڊ جي مارڪيٽن واريون معيشتون جيڪي اعلیٰ معيار زندگي واريون آهن ۽ انھن جو انساني ترقي جو اشاريو اوچو آهي.
ترت ڄاڻ پکيڙ, آبادي ...
پکيڙ | 8٬525٬989 km2 (3٬291٬903 sq mi) |
---|---|
آبادي | 40,117,432 (2016, 6th)[1] |
گھاٽائي | 4.19 /km2 (10.9 /sq mi) |
جي ڊي پي (ناليوار) | $1.630 ٽرلين ڊالر (2018, 6th) |
جي ڊي پي (في ماڻھو) | $41,037 (2017, 2nd)[2] |
آبادي جي سڃاڻپ | اوشيانيئن يا اوشيانيائي |
ملڪ | 14 (لسٽ)
اضافي لسٽ
|
ماتحت علائقا | (18) ٻاھريان (غير خود مختيار )
(8) اندريان ( لسٽ)
|
ٻوليون | |
ٽائيم زون | UTC+09
(پاپوا کان پالائو) UTC-6 (ايسٽر آئلينڊ) (اولھ کان اوڀر) |
وڏا شھر | اوشيانا جا مشهور شھر
|
بند ڪريو