اتر ڪوريا
اتر-اوڀر ايشيا ۾ ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
اتر ڪوريا (انگريزي: North Korea ) ايشيا کنڊ جي اوڀر واري پاسي جزیرہ نما ڪوريا جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع ھڪ ملڪ جنھن جو سرڪاري نالو عوامي جمهوريه ڪوريا يا ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا آھي. هي اتر اوڀر ايشيا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ چين، اتر اوڀر ۾ روس، اوڀر ۾ جاپاني سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ اولهه ۾ یالو سمنڊ واقع آھي. ڪل پکيڙ 1,22,098 چورس ڪلوميٽر (47130 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 20 لک آهي. ھي ملڪ پوري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ ويجھن ٻيٽن جي جائز حاڪميت جو دعويدار آھي. ان جي گادي جو هنڌ پيانگ يانگ آھي. هتان جي سرڪاري ٻولي ڪورين آهي.
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا 조선민주주의인민공화국 Chosŏn Minjujuŭi Inmin Konghwaguk | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: 애국가 "اِيگَوڪَا"(Aegukka) ("حب الوطني وارو گيت") | |||||
![]() اتر ڪوريا تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. اختيار کان ٻاهر علائقو جن لاءِ اتر ڪوريا دعويدار آهي ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل. | |||||
حیثیت | خودمختيار رياست | ||||
گادي جو هنڌ | پيانگ يانگ 39°2′N 125°45′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | پيانگ يانگ | ||||
دفتري ٻوليون | ڪوريائي يا ڪورين [1] | ||||
دفتري اسڪرپٽ | چوزان گال (Chosŏn'gŭl)[2] | ||||
مذهب | لا مذھب | ||||
مقامي آبادي | اتر ڪوريائي يا نارٿ ڪَورِيَن | ||||
حڪومت | وحداني، جُوشَي ھڪ جماعتي ريپبلڪ جيڪا مطلق العنان آمريت جي ماتحت آهي.[3][4][5][6] | ||||
• ڪوريائي ورڪرز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري |
ڪِم جَانگ اُن | ||||
• اسٽيٽ افيئرز ڪميشن جو صدر |
ڪم جانگ ان | ||||
• چيئرمين، اسٽينڊنگ ڪاميٽي، سپريم پيپلز اسيمبلي |
ڪو رائيئونگ ھا (Choe Ryong-hae) | ||||
• اسٽيٽ افيئرز ڪميشن جو اول نائب صدر |
ڪو رائيئونگ ھا | ||||
• اسٽيٽ افيئرز ڪميشن جو نائب صدر |
پاڪ پانگ جيو | ||||
• ڪابينه جو پريميئر |
ڪم ٽاڪ ھان | ||||
• سپريم پيپلز اسيمبلي جو چيئرمين |
پاڪ تيئي سونگ | ||||
مقننه | سپريم پيپلز اسيمبلي | ||||
قيام | |||||
• ڪوريا جپان جي ماتحتي ۾ |
29 آگسٽ 1910 | ||||
• جپان کي شڪست ۽ ڪوريا جي آزادي |
15 آگسٽ 1945 | ||||
• سوويت انتظاميه |
3 آڪٽوبر 1945 | ||||
• پھرين عارضي حڪومت |
8 فيبروري 1946 | ||||
• ٻين عارضي حڪومت |
22 فيبروري 1947 | ||||
• عوامي جمهوريه ڪوريا جو قيام |
9 سيپٽمبر 1948 | ||||
• چين جي دستبرداري |
آڪٽوبر 1958 | ||||
• جُوشَي جي نظريي وارو موجوده آئين |
27 ڊسمبر 1972 | ||||
• گڏيل قومن ۾ شموليت |
17 سيپٽمبر 1991 | ||||
• پينمنجام وارو اعلان |
27 اپريل 2018 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
120٬540 km2 (46٬540 sq mi)[7] (97th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.11 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
25,368,620[8] (55th) | ||||
• 2008 مردم شماري |
24,052,231[9] | ||||
• گھاٽائي |
212 /km2 (549.1 /sq mi) (45th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2014 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$40 ارب ڊالر | ||||
• في سيڪڙو |
$1,800 | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$30 ارب ڊالر[10][11] |
ملڪي آئين جي پھرين شق مطابق ھي ملڪ ھڪ خودمختيار سماجوادي رياست آھي.[12] ھتي جي ھڪ پارٽي واري نظام ھيٺ ڪوريا جي ورڪرز پارٽي ۽ ڪم خاندان جي سربراھي واري مطلق العنان آمريت تي مشتمل آهي.[3][4][5] [13][14] ھن ملڪ جو آئين جوشي نظريي تي مشتمل آهي. ملڪ جا سمورا پيداواري ذريعا رياست جي ملڪيت آھن. ھتان جي فوج چين، آمريڪا ۽ انڊيا کان پوء دنيا جي چوٿين وڏي فوج آھي جنھن ۾ فعال فوجي تعداد 12،10،000 آھي. ھن ملڪ وٽ ايٽمي ھٿيار پڻ آھن. گڏيل قومن ۾ رڪنيت سان گڏوگڏ ھي ملڪ آسيان، غيرجانبدار تحريڪ ۽ گروپ-77 ۾ پڻ شامل آهي. قديم سلطنت ڪوريو (Koryo) جي مناسبت سان ان کي ڪوريا سڏيو ويو. ملڪ جو سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ پائي ڪتوسان (بلندي 2744 ميٽر) آهي.
موسم گرمين ۾ گرم ۽ گھميل پر خوشگوار هوندي آهي، جڏهن ته سياري ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. اتر ڪوريا جي مکيه زرعي پيداوار چانور، مڪئي، جَوَ، پٽاٽا، جوئر، ڪڻڪ، صوف، سورج مکي، ڀاڄيون ۽ ميوا آهن، هتان جي مکيه صنعتن ۾ مشينري، آبي توانائي، ڪيميائي شيون، فولاد، ڪپڙو، سيمنٽ، پيٽروليم جي صفائي ۽ ايلومينيم آهن ۽ مکيه معدنيات ۾ ڪوئلو، لوهه، گرينائيٽ، پيٽروليم، شيهو، نڪل، ٽنگسٽن، جست، سون، چاندي، ٽامو، زنڪ ۽ موليبڊنيم شامل آهي.
اتر ڪوريا هڪ مضبوط سوشلسٽ حڪومت آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ، سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 8 سيپٽمبر 1948ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ سال 1991ع کان اٿس.[15] سال 2019ع ۾ اتر ڪوريا هائيڊروجن بم جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي اتان جي سرڪاري ٽي وي تي ظاھر ڪيو تہ صدر ڪم جونگ ان جي 3 جنوري تي منظوري ڏني هئي.[16]