چين
دنيا ۽ ايشيا جو آبادي۾ سڀ کان وڏو ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
چين(انگريزي: China ) جنھن جو سرڪاري نالو عوامي جمهوريه چين (انگريزي: People's Republic of China ) آھي اوڀر ايشيا ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جيڪو آبادي جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جي آبادي ھڪ ارب چاليھ ڪروڙ آھي. روس ، ڪيناڊا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس کان پوءِ دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي[13] . ان جي پکيڙ 95,72,900 چورس ڪلوميٽر آھي.انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق چين پکيڙ ۾ روس ۽ ڪيناڊا کان پوءِ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي جڏهن ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس 95,25,067 چورس ڪلوميٽر جي پکيڙ سان چوٿون نمبر وڏو ملڪ آھي[14] تائيوان پڻ چين جو حصو ھيو پر ٻين جنگ عظيم کان پوء ڪميونسٽ انقلاب بعد اھو چين جي ڪميونسٽ نظام جو حصو نہ ٿيو ۽ جمهوريه چين جي نالي سان الڳ ملڪ طور وجود قائم رکيو. ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو ليز تي يورپي ملڪن جي نگراني ۾ رھيا پر ليز ختم ٿين بعد عوامي جمهوريه چين جي نگراني ۾ اچي ويا. روايتي چيني لکڻي ۾ 中國 لکندا آهن، ۽ آسان چيني لکڻي ۾ 中国 لکندا آهن. ھي ملڪ انتظامي طور تي 23 صوبن (جن مان 23ويھون صوبو تائيوان آھي جيڪو تڪراري علائقو آهي)[15], 5 خودمختيار ريجن ۽ 4 سڌي حڪمراني وارين ميونسپالٽين (بيجنگ، شنگھائي، چِيَانجَين ۽چَانگچِنگ ) ۽ ٻن خاص انتظامي ريجن (هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو) ۾ ورھايل آھي.
جي ملڪ آمريڪا بعد دنيا جي ٻين وڏي معيشت آھي.
عوامي جمھوريا چين
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو:
| |||||
ايشيا جي نقشي ۾ چين تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. ھلڪي سائي رنگ وارا علائقا چين جي اختيار ۾ ناھن پر چين انھن جو دعويدار آهي | |||||
گادي جو هنڌ | بيجنگ 39°55′N 116°23′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | شنگھائي[1] | ||||
دفتري ٻوليون | معياري چيني[2][3] | ||||
دفتري لپي | آسان چيني | ||||
تسليم شدہ مقامي ٻوليون [4] |
| ||||
نسلي گروھ |
| ||||
مذهب | ڏسو» چين ۾ مذھب | ||||
مقامي آبادي | چائنيز يا چيني | ||||
حڪومت | وحداني مارڪسسٽ ليننسٽ ھڪ جماعتي سوشلسٽ ريپبلڪ[6] | ||||
• ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري، ملڪ جو صدر ۽ فوجي سربراھ |
شِي جَنپِنگ[7] | ||||
• پريميئر |
لِي ڪَيچِيَانگ | ||||
• نائب صدر |
وانگ ڪيشن | ||||
• نيشنل پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين |
لِي زَنشُو | ||||
• سياسي صلاحڪاري ڪانفرنس جو چيئرمين |
وانگ يانگ | ||||
مقننه | نيشنل پيپلز ڪانگريس | ||||
چين جي قيام جي تاريخ | |||||
• شيئا خاندان جي بادشاهي |
ت. 2070 ق م | ||||
• پھريون شھنشاھي انضمام |
221 ق م | ||||
• ريپبلڪ جو قيام |
1 جنوري 1912 | ||||
• خانہ جنگي بعد پيپلز ريپبلڪ جو اعلان |
21 سيپٽمبر 1949[8][9] | ||||
• ڪميونسٽ انقلاب |
1 آڪٽوبر 1949 | ||||
• موجودہ آئين |
4 ڊسمبر 1982 | ||||
• ميڪائو تي اختيار جي چين جي حق ۾ منتقلي |
2 ڊسمبر 1999 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
9٬596٬961 km2 (3٬705٬407 sq mi)[10] (3rd) | ||||
• پاڻي (%) |
2.8% | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
1,403,500,365 [11] (1st) | ||||
• 2010 مردم شماري |
1,339,724,852 (1st) | ||||
• گھاٽائي |
[اوزا تبديل: invalid number] (83rd) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$23.122 ٽرلين ڊالر [12] (1st) | ||||
• في سيڪڙو |
$16,624[12] (77th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$11.938 ٽرلين ڊالر [12] (2nd) |
چين جو ظھور دنيا جي شروعاتي تھذيب طور اتر چيني ميدان ۾ پيلي ندي جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ٿيو ھو. ھتي ھزارين سال لاڳيتو شاھي گھراڻن جون حڪومتون قائم رھيون جن سڀ کان پھريون گھراڻو شيئا ھيو جنھن جي بادشاھي جي شروعات 21ھين صدي ق م ۾ ٿي. ٽين صدي ق م ۾ چِن گھراڻي جي بادشاھي دوران ھي ملڪ متحد ٿي پھرين چيني ايمپائر بڻيو. ان بعد ھان گھراڻي جي 220ق م کان 206ق م تائين حڪومت قائم ٿي جنھن دور ۾ ھتي ڪاغذ ٺاھڻ جي شروعات ٿي ۽ قطب نما ايجاد ٿيو ۽ زراعت ۽ طب ۾ سڌارا آيا. اھو قديم چين جو ٽيڪنالاجي جي ترقي وارو دؤر ھيو. چينگ گھراڻي جي دؤر (618ع کان 907ع تائين) ۾ بارود ۽ منقوله ٽائيپ جون ايجادون ٿيون ۽ اتر واري سانگ گھراڻي جي دؤر (960ع کان 1127ع تائين) ۾ بارود، قطب نما، ڪاغذ سازي ۽ پرنٽنگ پريس جي ايجادن جي تڪميل عمل ۾ آئي. چينگ واري تھذيب ۾ شاھراھ ريشم واري لنگھ جو آغاز ٿيو جنھن ذريعي ميسوپوٽاميا ۽ آفريڪا کان واپارين جي آمد جي شروعات ٿي. چنگ ايمپائر ۾ چين جون حدون لڳ ڀڳ ساڳيون موجوده دؤر واريون رھيون. 1911 واري انقلاب کان پوء 1912ع ۾ چين ۾ شاھي گھراڻي واري راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ جمھوريه چين وجود ۾ آيو. ٻين جنگ عظيم ۾ چين تي جاپان قبضو ڪيو. بعد ۾ چيني گھرو ويڙھ بعد 1949ع م ھتي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سربراھي ۾ مائوزي تنگ عوامي جمهوريه چين جي قيام جو اعلان ڪيو. ڪومنتانگ پارٽي جي حڪومت شڪست کاڌي ۽ تائيوان تائين محدود ٿي وئي. چين ھڪ وحداني سوشلسٽ ۽ ھڪ جماعتي نظام واري ريپبلڪ آھي. ھي ملڪ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو دائمي رڪن ملڪ آھي.