عيد الفطر
اسلامي موڪل جو ڏينھن / From Wikipedia, the free encyclopedia
عيدالفطر(انگريزي: Eid ul Fitar ) شوال مھيني جي پھرين تاريخ تي مسلمان ملھائيندا آهن. ھي ڏينهن ان خوشيءَ جو اظھار آھي ته خدا پنھنجي ٻانھن کي روزن جي مھيني ۾ روزا، تراويح، قرآن جي تلاوت، صدقو ۽ خيرات وغيره جون جيڪي عبادتون مقرر فرمايون، ٻانھا انھن کي سھڻي نموني ادا ڪرڻ ۾ خدا جي توفيق ۽ مدد سان ڪامياب ٿيا[3].رمضان جيڪو اسلام جي بنيادي رڪنن مان ٽيون رڪن آھي، جب مسلمان رمضان جا روزا مڪمل ڪري ٿو تہ الله تعالٰي ان جا روزا مڪمل ڪرڻ تي عيد مشروع ڪئي آھي جنھن ۾ ھو الله تعالٰي جو شڪر ادا ۽ الله تعالٰي جو ذڪر ڪرڻ جي لاءِ جمع ٿين ۽ ان جي اھڙي طرح وڏائي بيان ڪن ٿا جھڙي انھن کي الله تعالٰي ھدايت نصيب فرمائي آھي ۽ ھن عيد ۾ الله تعالٰي مسلمانن تي صدقو فطر ( فطرانو ) ۽ نماز عيد مشروع ڪئي آھي ۔
عيد الفطر | |||||
---|---|---|---|---|---|
مٿي کان: مسلمان سليماني مسجد، استنبول، ترڪي ۾ عيد نماز ادا ڪندي؛ الجزائر ۾ جشن دوران ڪيڪ ۽ مٺايون، جيڪي مشهور طور تي استعمال ڪيا ويا آهن؛ انڊونيشيا ۾ عيد جي جشن دوران روشني ڪئي پئي وڃي. | |||||
سرڪاري نالو | عربي ٻولي: عيد الفطر | ||||
عرفيت | افطاري جو عيد ، ننڍي عيد ، مٺي عيد. | ||||
ملهائڻ وارا | فهرست
سانچو:List ترڪ قبرص صومالي لينڊ مغربي صحارا | ||||
قسم | اسلامي اهميت | ||||
اهميت | رمضان المبارڪ ۾ روزا ختم ٿيڻ جي يادگار | ||||
تقريبون | عيد جي نماز، خيرات، اجتماعي گڏجاڻيون، عيد جا طعام، عيدي (تحفا) ڏيڻ، لباس پائڻ. | ||||
تاريخ | 1 شوال [1] | ||||
2024 تاريخ | 10 April - 12 April[lower-alpha 1][2] | ||||
2025 تاريخ | 31 March - 2 April | ||||
لاڳاپيل | Ramadan, Eid al-Adha |