اسپين
From Wikipedia, the free encyclopedia
اسپين (Spain)، سرڪاري نالو اسپين جي بادشاهي (Reino de España)، پراڻو نالو اندلس ۽ هسپانيه (Hispania)، هڪ ملڪ آهي جيڪو ڏکڻ اولهه يورپ ۾ واقع آهي، ان جي علائقي جا حصا ائٽلانٽڪ سمنڊ، ميڊيٽرينين سمنڊ ۽ آفريڪا ۾ آهن. اهو ڏاکڻي يورپ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ چوٿين وڏي آبادي وارو يورپي يونين ميمبر رياست آهي. آبیریائي جزیري نما (Iberian Peninsula) جي اڪثريت تي پکڙيل، ان جي علائقي ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪينري جزائر، ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ بيلاريڪ ٻيٽ ۽ آفريڪا ۾ سيوٽا ۽ ميليلا جا خودمختيار شهر پڻ شامل آهن. جزيره نما اسپين اتر طرف فرانس، اندورا ۽ بسڪي جي خليج، اوڀر ۽ ڏکڻ ڏانهن ميڊيٽرينين سمنڊ ۽ جبرالٽر؛ ۽ اولهه طرف پورچوگال ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان لڳل آهي. اسپين جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر ميڊریز آهي، ۽ ٻين وڏن شهري علائقن ۾ بارسلونا، والنسيا، زاراگوزا، سيوايل، ملاگا، مرسيا، پالما ڊي مالورڪا، لاس پالماس ڊي گران ڪينيريا ۽ بلبائو شامل آهن.
ڪنگڊم آف اسپين Reino de España (اسپينش)
| |||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| |||||||||||||
شُعار: '"Plus Ultra" (Latin) "Further Beyond" | |||||||||||||
مڪانيت Spain (dark green) – نقشو Europe (green & dark grey) | |||||||||||||
گادي جو هنڌ | ميڊریز 40°26′N 3°42′W | ||||||||||||
سڀ کان وڏو شهر | capital | ||||||||||||
ٻيون سرڪاري ٻوليون ڪجهه خودمختيار ڪميونٽين ۾ |
ڪيٽالان گريشين باسڪ آڪسيٽن | ||||||||||||
نسلي گروھ (2015ع) |
| ||||||||||||
مذهب (2017[3]) |
| ||||||||||||
مقامي آبادي |
| ||||||||||||
حڪومت | يونيٽري پارليامينٽري آئيني بادشاهت | ||||||||||||
• اسپين جو شاھي سربراھ |
فلپ ڇھون | ||||||||||||
• وزيراعظم |
مرائنو ريجواء | ||||||||||||
• نائب وزيراعظم |
سوريا سائنز ڊي سانتا ماريا | ||||||||||||
• اسپيني سينيٽ جو صدر |
پائو گريسيا ايسڪوديرو | ||||||||||||
• ڪانگريس آف ڊپٽيز جو صدر |
انا پاسٽر جوليئن | ||||||||||||
• سپريم ڪورٽ جو صدر |
ڪارلوس ليسميس سيرانو | ||||||||||||
مقننه | ڪورٽز جنرلز | ||||||||||||
سينيٽ | |||||||||||||
ڪانگريس آف ڊپٽيز | |||||||||||||
اسپين جي تاريخ | |||||||||||||
• ڪئٿولڪ بادشاھ |
20 January 1479 | ||||||||||||
• چارلس پنجون |
23 January 1516 | ||||||||||||
• نيوئيوا پلانٽا ڊڪري |
9 June 1715 | ||||||||||||
• اسپين جو پهريون آئين |
19 March 1812 | ||||||||||||
• اسپين جي جمھوري تبديلي |
اسپين جو 1978 وارو آئين | ||||||||||||
• يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي جو يورپي يونين بڻجڻ جو مرحلو (EU) since 1993. |
1 January 1986 | ||||||||||||
پکيڙ | |||||||||||||
• جملي |
[اوزا تبديل: invalid number] (51st) | ||||||||||||
• پاڻي (%) |
1.04 | ||||||||||||
آبادي | |||||||||||||
• 2016 مردم شماري |
46,354,321 [lower-alpha 3] (30th) | ||||||||||||
• گھاٽائي |
92 /km2 (238.3 /sq mi) (112th) | ||||||||||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||||||||||
• ڪل |
$1.769 trillion[5] (16th) | ||||||||||||
• في سيڪڙو |
$39,944[5] (31st) | ||||||||||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||||||||||
• ڪل |
$1.307 trillion[5] (12th) |
اسپين هڪ سيڪيولر پارلياماني جمهوريا ۽ آئيني بادشاهت آهي، جنهن ۾ بادشاهه فيليپ پنجون رياست جو سربراهه آهي. اها هڪ وڏي ترقي يافته سرمائيدار معيشت آهي، جيڪا دنيا جي جي ڈی پی (GDP) جي لحاظ کان پندرهين وڏي معيشت آهي. اسپين گڏيل قومن (UNO) جو ميمبر آهي، يورپي يونين، يوروزون، اتر ائٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن (NATO)، جی-20 جو مستقل میزبان، ۽ ڪيترن ئي ٻين بين الاقوامي تنظيمن جو حصو آهي جهڙوڪ يورپ جي ڪائونسل (CoE)، آئیبیرو۔آمريڪي رياستن جي تنظيم (OEI)، يونين فار ميڊيٽرينين، آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن اينڊ ڊولپمينٽ (OECD)، آرگنائيزيشن فار سيڪيورٽي اينڊ ڪوآپريشن ان يورپ (OSCE) ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (WTO) ) جو ميمبر آهي.