From Wikipedia, the free encyclopedia
ملاوي يا مالاوي (انگريزي: Malawi ) جو سرڪاري نالو جمهوريه ملاوي آهي. اھو ڏکڻ-اوڀر آفريڪا جو خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي جنھن جو پراڻو نالو نياسالينڊ آهي. ان جون سرحدون اولھ ۾ زيمبيا سان، اتر ۽ اتر-اوڀر ۾ تنزانيا سان، اوڀر، ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اولھ ۾ چوڌاري موزمبيق سان ملن ٿيون. ملڪ جي پکيڙ 118484 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن جو ٽيون حصو ملاوي ڍنڍ ۾ شامل آھي. ملڪ جي آبادي 2018ع جي تخميني مطابق 18,143,217 آھي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ليلانگوي آهي جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر پڻ آھي. ملڪ جا ٻيا وڏا شھر ترتيبوار بلانتاير، مزوزو ۽ چوٿون وڏو شھر زومبا آھي جيڪو ملڪ جو پراڻو گادي جو هنڌ آهي. لفظ مالاوي لفظ ماراوي جي بگڙيل صورت آهي جيڪو نيانجا ماڻھن جو پراڻو نالو آهي جيڪي ھن سرزمين جا پراڻا رھاڪو آھن. ھتان جا ماڻھو دوستي ۾ مشھور آھن تنھنڪري ھي ملڪ آفريڪا جي گرمجوشي واري دل سڏبو آهي[5].
جمهوريه ملاوي ملاوي | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '" اتحاد ۽ آزادي" | |||||
گادي جو هنڌ | ليلانگوي 13°57′S 33°42′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ليلانگوي | ||||
دفتري ٻوليون | انگريزي چيوا | ||||
تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | List
| ||||
نسلي گروھ (2018 Census[2]) |
| ||||
مقامي آبادي | ملاويئن | ||||
حڪومت | وحدانيصدارتي آئيني ريپبلڪ | ||||
• صدر |
پيٽر موتاريڪا | ||||
• نائب صدر |
سائولوس چليما | ||||
مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
آزادي | |||||
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان |
6 جولاءِ 1964 | ||||
• ريپبلڪ |
6 جولاءِ 1966 | ||||
• موجوده آئين |
18 مئي 1994 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
118٬484 km2 (45٬747 sq mi) (98th) | ||||
• پاڻي (%) |
20.6% | ||||
آبادي | |||||
• 2018 مردم شماري |
17,563,749[3] | ||||
• گھاٽائي |
153.1 /km2 (396.5 /sq mi) (56th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$25.037 ارب ڊالر | ||||
• في سيڪڙو |
$1,234[4] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$7.436 ارب ڊالر |
ڏھين صدي عيسويءَ ۾ بانٽو ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻھو ھن ملڪ ۾ آباد ٿيا. 1891 ۾ برطانيا ھن ڌرتيءَ تي قابض ٿيو. ھي ملڪ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي نياسالينڊ نالي ھڪ پروٽيڪٽوريٽ بڻيو جيڪو بعد م 1953ع ۾ ھڪ نيم خودمختيار رھوڊيشيا ۽ نياسالينڊ جو وفاق بڻيو. 1963ع ۾ اھو وفاق ٽٽي ويو. 1964ع ۾ ھي ملڪ برطانيه کان آزاد ٿيو ۽ ملڪ جي رياست جي سربراهي ملڪه ايلزبيٿ ٻين وٽ ئي رھيو پر ٻن سالن بعد ملڪ ريپبلڪ يا جمهوريه بڻيو. آزادي بعد ھي ملڪ صدر ھيسٽنگس باندا جي قيادت ۾ مطلق آمريت واري ھڪ جماعتي رياست بڻجي ويو جيڪو 1994ع تائين ملڪ جو صدر رھيو[6][7][8]. ھن ملڪ ۾ ھاڻي جنھوري ڪثير جماعتي حڪومت آهي جنھن جو سربراھ ملڪ جو چونڊيل صدر پيٽر موتاريڪا آھي.
ھن ملڪ جي انساني ترقي جي اشاريي جي شرح دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي. ملڪ جي معيشت زرعي آھي ۽ ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو ٻھراڙيءَ ۾ رھي ٿو جنھن م تيزي سان واڌ ٿيندي پئي اچي. ھي ملڪ معاشي ترقي لاءِ گھڻي ڀاڱي پرڏيھي قرض تي مدار رکندڙ آھي ۽ سن 2000 کان ان قرض کڻڻ م گھٽتائي طرف وڌي رهيو آهي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.