From Wikipedia, the free encyclopedia
موزمبيق، موزمبائيق (انگريزي: Mozambique ) جو سرڪاري نالو جمهوريه موزمبيق آهي. ھي ملڪ آفريڪا جي ڏکڻ-اوڀر ۾ واقع ملڪ آهي. ان جون سرحدون اوڀر ۾ ھندي سمنڊ سان، اتر ۾ تنزانيا سان، اتر-اولھ ۾ ملاوي ۽ زيمبيا، اولھ ۾ زمبابوي سان ۽ ڏکڻ-اولھ ۾ اسواتيني (سوازي لينڊ) ۽ سائوٿ آفريڪا سان ملي ٿي. اوڀر ۾ واقع ٻيٽن تي مشتمل ملڪن ڪوموروس، مايوٽ ۽ مڊگاسڪر کي ھن ملڪ کان موزمبيق چينل. ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ء سڀ کان وڏو شهر ماپوتو آهي. ان شھر جو 1876 کان 1976 تائين نالو لورنڪو مارڪئيس ھيو.
جمهوريه موزمبيق موزمبيق | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: پيارو وطن | |||||
مڪانيت موزمبيق (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل) نقشو آفريڪي يونين (ھلڪو نيرو) | |||||
گادي جو هنڌ | ماپوتو 25°57′S 32°35′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ماپوتو | ||||
دفتري ٻوليون | پورچوگيزي | ||||
مقامي آبادي | موزمبيقن يا موزمبيقي | ||||
حڪومت | وحداني غالب پارٽينيم صدارتي آئيني ريپبلڪ[1][2][3] | ||||
• صدر |
فلپ نيوسي | ||||
• وزيراعظم |
ڪارلوس اگوستينو ڊو روساريو | ||||
مقننه | ريپبلڪ جي اسيمبلي | ||||
موزمبيق جو قيام | |||||
• پورچوگيزي اوڀر آفريڪا |
1 مارچ 1498 | ||||
• آزادي پورچوگال کان |
25 جون 1975 | ||||
• گڏيل قومن جي رڪنيت |
16 سيپٽمبر 1975 | ||||
• موجودہ آئين |
30 نومبر 1990 | ||||
• اسلامي باغين جي تحريڪ |
5 آڪٽوبر 2017 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
801٬590 km2 (309٬500 sq mi) (35th) | ||||
• پاڻي (%) |
2.2 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
28,829,476[4] (50th --->) | ||||
• 2017 مردم شماري |
27,909,798 | ||||
• گھاٽائي |
28.7 /km2 (74.3 /sq mi) (178th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$41.473 ارب ڊالر | ||||
• في سيڪڙو |
$1,331[5] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$15.372 ارب ڊالر |
پھرين کان پنجين صدي عيسويءَ م اتر ۽ اولھ وارن پاسن کان ھن ملڪ واري سرزمين ۾ بانٽو ٻولي ڳالھيندڙ ماڻھو لڏي اچي آباد ٿيا. اتر موزمبيق ۾ ھندي سمنڊ جي سانوڻ واريون ھوائون گھلنديون آھن. ستين ۽ يارھين صدي عيسويءَ دوران ھتي ننڍا ننڍا سواحلي بندرن وارا شھر قائم ٿيا جن م سواحلي ثقافت ۽ سواحلي ٻولي جو فروغ ٿيو ۽ اتي صوماليا، ايٿوپيا، مصر، عربستان، ھندوستان ۽ فارس جا واپاري ڪثرت سان ايندا ھيا[6] 1498ع ۾ ھتي واسڪو ڊي گاما جي آمد ٿي جنھن بعد 1505ع ۾ ھتي پورچوگيزن جي بيٺڪن جي شروعات ٿي ۽ پورچوگيز چئن صدين تائين ھن سرزمين تي قابض رهيا. 1975ر م ھن ملڪ پورچوگال کان آزادي ماڻي ۽ جلد ئي ٻن سالن بعد عوامي جمهوريه موزمبيق ٿي ويو ۽ پوء ھتي گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي جيڪا 1977 کان 1992 تائين جاري رھي. 1994ع ۾ ھتي ڪثير جماعتي عام چونڊون ٿيون جنھن بعد ھتي صدارتي نظام شروع ٿيو. 2013 کان ھتي رينامو (RENAMO) پارٽي جو ھٿياربند باغيانه سرگرميون شروع ٿيون جيڪي جاري آھن[7].
ھي ملڪ تمام گھڻن قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. ملڪ جي معيشت گھڻي ڀاڱي زرعي آھي ۽ صنعتي ترقيءَ ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي جن ۾ کاڌي، ڪيميائي مادن ، اليومونيم، پيٽرول جي شين ۽ شربتن جون صنعتون شامل آهن. ھن وقت سياحت ۾ پڻ اضافو آيو آھي. سائوٿ آفريڪا ھن ملڪ جو وڏو واپاري ڀائيوار ملڪ آھي جنھن ھن ملڪ ۾ وڏي سيڙپ ڪئي آھي. ان کان سواءِ بيلجيم، برازيل، پورچوگال ۽ اسپين پڻ ھن جا واپاري شراڪتدار آھن. 2001ع کان وٺي ھن ملڪ جي سالياني جي ڊي پي جي سراسري واڌ دنيا جي ملڪن م ڏاڍي اوچي رھي آھي پر پوء بہ ھي ملڪ اڃان تائين دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو[8] ڇو ته ان جي في ڪس آمدني قوت خريد جي لحاظ کان تمام گھٽ آهي[9]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.