نيم صدارتي نظام(انگريزي: Semi Presidential System) يا (انگريزي: Dual Executive System ) ھڪ اھڙي حڪومتي نظام جو نالو آهي جنھن منجھ صدر جي عھدي سان گڏ وزيراعظم جو عھدو ۽ ان جي ڪابينه پڻ موجود ھوندا آھن ۽ انھن مان وزيراعظم پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندو آھي. ھن نظام م صدر جو عھدو پارلياماني نظام وانگر رسمي عھدو نہ ھوندو آھي پر کيس پڻ اختيار ھوندا آھن. نيم صدارتي نظام ۾ صدر جي چونڊ سڌي سئين عوام جي ووٽن سان ٿيندي آھي ۽ اھو عھدو پڻ بااختيار ھوندو آھي. ھن نظام ۾ وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينه جو ھجڻ پارليامينٽ جي اعتماد سان مشروط ھوندو آھي[1][2][3][4] ھن قسم جي نظام ۾ صدر ۽ وزيراعظم جي اختيارن جي تقسيم ھر ملڪ ۾ الڳ نموني جي ھوندي آھي.
تعريف
مورس ڊيوورجير جي ڏنل تعريف مطابق نيم صدارتي نظام صدر جي عھدي لاء اھم اختيارن ھجڻ سميت ان جي ھڪ مقرر مدي لاء عام چونڊ ھجڻ ضروري آهي[5]. جديد تعريفون صدر جي عھدي جي سڌي چونڊ ۽ وزيراعظم جي عهدي لاء پارلياماني اعتماد ھن نظام جو تعارف آھي[5]
ذيلي قسم
نيم صدارتي نظام جا ٻہ قسم ھوندا آھن:
- وزيراعظم وارو صدارتي نظام
- صدر وارو پارلياماني نظام
وزيراعظم واري صدارتي نظام ۾ وزيراعظم ۽ ڪابينه پارليامينٽ آڏو جوابده ھوندا آھن، ۽ وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينه جي چونڊ ڪندو آهي پر ان جي منظوري پارليامينٽ ڏيندي آهي ۽ پارليامينٽ ئي انھن کي عدم اعتماد جي ووٽ سان فارغ ڪندي آهي. اھو نظام خالص پارلياماني نظام جي گھڻو ويجھو آھي. ان قسم جي نيم صدارتي نظام جا مثال برڪينا فاسو ۽ ڪيپ ورڊي [6] ايسٽ تيمور[6][7]
لٿوينيا، مڊگاسڪر، مالي، منگوليا، نائيجر، مصر، الجيريا، ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ايسٽ تيمور، فرانس، ھيٽي، نادرن قبرص، تيونس پولينڊ[8] پورچوگال، رومانيه، سائو ٽوم ۽ پرنسپي[6] سريلنڪا ۽ يوڪرين ( 2014 کان ۽ اڳ 2086 کان 2010 تائين).[9][10]
صدر واري پارلياماني نظام واري نموني ۾ وزيراعظم ۽ ڪابينه صدر ۽ پارليامينٽ، ٻنھي جي آڏو جوابده ھوندا آھن. صدر وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينه جي چونڊ ڪندو آهي پر ان لاء پارليامينٽ جي اڪثريت جي تائيد لازم ھوندي آھي. صدر کي وزيراعظم ۽ ڪابينه جي ھٽائڻ جا اختيار ھوندا آھن ۽ پارليامينٽ کي پڻ عدم اعتماد جي ووٽ ذريعي وزيراعظم کي ھٽائڻ جو اختيار ھوندو آھي. ھن قسم جو نيم صدارتي نظام خالص صدارتي نظام جي ويجھو ھوندو آھي. ھن نظام جا مثال گني بسائو[6]، موزمبيق، ابخازيه، آذربائيجان، ريپبلڪ آف ڪانگو، موريطانيا، فلسطين، شام، ڏکڻ اوسيشيا، ناميبيا، روس،سينيگال (2001 کان) ۽ تائيوان آھن. اھو نظام ماضيءَ ۾ يوڪرين ۾ پڻ رھيو ھو
حوالا
Wikiwand - on
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.