لئائوننگ صوبو
From Wikipedia, the free encyclopedia
لئائوننگ(انگريزي: Liaoning ) عوامي جمهوريه چين جي اتر اوڀر ريجن ۾ واقع ھڪ ساحلي صوبو آهي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ شينيانگ شھر آھي. ھي صوبو پيلي سمنڊ جي اترئين ڪناري تي واقع آهي. تاريخي طور تي ھن خطي کي اصل چين ۽ منچوريا جي وچ وارو دروازو سڏيو ويندو آهي. موجوده لئائوننگ صوبو 1907ع ۾ فينگٽيان يا فينگٽائن جي نالي سان قائم ٿيو ھو بعد ۾ 1929ع ۾ ان جو نالو لئائوننگ رکيو ويو. ان وقت ھن صوبي کي مڪدين صوبو پڻ سڏيندا ھئا. منچوريائي ٻولي ۾ ان کي شينگجنگ سڏيندا ھئا جيڪو شينيانگ شھر جو پراڻو نالو ھو. چين ۾ ھي صوبو نقشي ۽ اسٽريٽجڪ مقام جي نسبت سانگولڊن ٽرائينگل (سونھري ٽڪنڊو) طور ڄاتو ويندو آهي[3]. ان جي ڏکڻ ۾ پيلو سمنڊ (ڪوريائي اپسمنڊ ۽ بوھائي سمنڊ)، ڏکڻ اوڀر ۾ اتر ڪوريا جا پيونگان ۽ چاگانگ صوبا، اتر اوڀر ۾ جيلن، ڏکڻ اولھ ۾ ھيبئي ۽ اتر اولھ ۾ انر منگوليا واقع آهن. ھن صوبي ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ يالو ندي چين اتر ڪوريا جي سرحد جي آھي. اھا ندي اتر ڪوريا جي صوبي اتر پيونگان جي گادي واري شهر سنويجو ۽ ھن صوبي جي پريفيڪچر واري شھر ڊانڊونگ وچ مان گذرندي ڪوريائي اپسمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
لِئَائَونِنگ صوبو Liaoning | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
چيني صوبو | |||||||
نقشي ۾ لِئَائَونِنگ صوبو نمايان ڏيکاريل | |||||||
جاگرافي بيهڪ: 41°06′N 122°18′E | |||||||
ملڪ | عوامي جمهوريه چين | ||||||
نالو پيو | 辽 Liáo—"لئائو ندي" 宁 níng—"سڪون" "لئائو ندي سان پرسڪون" | ||||||
گادي جو هنڌ ( ۽ سڀ کان وڏو شھر) |
شينيانگ | ||||||
انتظامي ورهاست | 14 پريفيڪچر، 100 ڪائونٽيون، 1511 ٽائون شپ | ||||||
حڪومت | |||||||
• قسم | صوبائي | ||||||
• مجلس | لئائوننگ جي صوبائي پيپلز ڪانگريس | ||||||
• چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | جينگ گئوچنگ | ||||||
• صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | جينگ گئوچنگ | ||||||
• گورنر | لئو ننگ | ||||||
• پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين | جئو بو | ||||||
پکيڙ[1] | |||||||
• ڪل | 145,900 ڪ.م2 (56,300 ميل2) | ||||||
پکيڙ ۾ درجو | 21 وڏو صوبو | ||||||
بلند ترین پیمائش (ھئابوزي جبل) | 1,336 ميل (4,383 ft) | ||||||
آبادي (2010)[2] | |||||||
• ڪل | 43,900,000 | ||||||
• ڪاٿو
2020 |
44,312,450 |
Liaoning | |||||||||||||||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
"لئائوننگ" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون) | |||||||||||||||||||||||||||
چیني نالو | |||||||||||||||||||||||||||
آسان چیني | 辽宁 | ||||||||||||||||||||||||||
روایتي چیني | 遼寧 | ||||||||||||||||||||||||||
لغوي معنیٰ | "لئائو ندي سان پرسڪون ٿيل" | ||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||
مانچو نالو | |||||||||||||||||||||||||||
مانچو | ᠯᡳᠶᠣᠣᠮᠨᡳᠩ ᠮᡤᠣᠯᠣ |