![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/6e/Major_ethnic_groups_of_Pakistan_in_1980.jpg/640px-Major_ethnic_groups_of_Pakistan_in_1980.jpg&w=640&q=50)
سنڌ جي تاريخ
تاريخي پھلو / From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڌ جي تاريخ (انگريزي ٻولي: History of Sindh) سنڌ جي اوائلي تاريخ بابت ڪا به يقيني ڄاڻ نه ٿي ملي ۔ مورخين جي چوڻ مطابق سنڌو تهذيب پنج هزار ورهيه پراڻي آهي ۔ هي علائقو شروعات ۾ سمنڊ جو حصو هو ۔ جيڪو زلزلن ۽ ٻوڏن جي اچڻ ڪري سڪي ويو ۔ پيسفڪ سمنڊ ۽ وچ اوڀر کان ڪي قبيلا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ، جن ۾ دراوڙ ، ميد ,، ڀيل ۽ ميگهواڙ شامل هئا ۔
![]() | هن مضمون جي اڻ ڌُريائپ (غير جانبداري) تڪراري آهي. مهرباني ڪري هن مضمون جو جانبداري وارو مَواد ڊانهيو يا ترميم ڪري انکي اڻ ڌُريو بڻايو يا مضمون جي بحث صفحو تي راءِ ڏيو. |
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/6e/Major_ethnic_groups_of_Pakistan_in_1980.jpg/640px-Major_ethnic_groups_of_Pakistan_in_1980.jpg)
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/2/2a/The_Budhist_Kingdom_of_Sindh_642_A.D.jpg/640px-The_Budhist_Kingdom_of_Sindh_642_A.D.jpg)
سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف روپ ورتا آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ "سنڌو" جا مختلف آوازي روپ آھن. اتر ۾ سنڌ صوبو پنجاب، اوڀر ۾ ٿر۽ اولھ ۾ بلوچستان سان ڳنڍيل آھي جڏھن ته ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڪڇ جو رڻ واقع اٿس. سنڌ صوبو، پاڪستان جي جملي ايراضيءَ مان 140،914 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي.سنڌ جي ابتدائي سياسي تاريخ تي اڃان تائين پردو پيل آھي. موھن جي دڙي جي کوٽائي ۽ اتان لڌل شين مان 2500 سال ق ۾ جي سنڌ ۽ ان جي سُڌريل ۽ شھري زندگيءَ جو پتو پوي ٿو. آريا ھڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد ھئا، جيڪو اويستا واري زماني ۾ سورھن پرڳڻن اندر ھو. هو ھڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي نالن سان سڏڻ کان سواءِ ساڻيھن جي نالن پويان پڻ ضرور سڏيندا ھوندا. انڪري اڍائي ھزار ورھيه اڳ جي سکامني بادشاھن پنھنجن ٺُلھن جي ڪتبن ۾ سورھن آريائي پرڳڻن جا ڪي ٽيھ نالا ڄاڻايا آھن. انھن ۾ ھندو (سِنڌو) ۽، ان جي گڻ، ھندويه سنڌي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اھو پھريون ڀيرو ھو جو ماٿريءَ جي رھواسين کي نالي ڏيڻ لاءِ سنڌي لفظ لکيت ۾ ڪم آندو ويو. ھن مان اھو نتيجو به ڪڍي سگھجي ٿو ته ان ئي دور ۾ ھن علائقي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ کي به سنڌي سڏيو ويو ھوندو.