![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/bb/Indus.A2002274.0610.1km.jpg/640px-Indus.A2002274.0610.1km.jpg&w=640&q=50)
سنڌو درياھ
ايشيا ۾ درياھ / From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڌو درياءَ جي قدامت حضرت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياءَ کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“، ”سپت سنڌو“، ”مهراڻ“ ، ”انڊس“ وغيره سنڌو درياءَ جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم ھندو ويدن ۽ پستڪن ۾ ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيو. رگ ويد توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ ڀڄڻ چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو ته سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياءَ جي ڪري پيا. سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.
سنڌو درياءَ | |
---|---|
![]() سنڌوندي جي پاڪستان ۽ انڊيا جي طاس (ميداني علائقي) جو سيٽلائيٽ وارو نقشو (بين الاقوامي سرحد نقشي مٿان ليڪيل) | |
![]() سنڌوندي جي ميداني علائقي جو نقشو جنھن ۾ رڻ ڪڇ واريون شاخون ڏيکاريل ناھن | |
ٻيو نالو | مھراڻ انڊس |
ملڪ | چين، انڊيا، پاڪستان |
رياست | جمون ۽ ڪشمير, پنجاب, خيبرپختونخوا, سنڌ, گلگت بلتستان, تبت |
شھر | ليھ, اسڪردو, بيشم , ٿاڪوٽ, صوابي, ديرہ اسماعيل خان, سکر, حيدرآباد |
طبعي خصوصیتون | |
بنیادي ماخذ | سينگجئنگبو تبت وارو مٿاھون پٽ |
ٻيو ماخذ | گار سينگپو |
دریاء جو منھن | عربي سمنڊ (شروعاتي), ڪڇ جو رڻ (پويون) سنڌوندي جي ڊيلٽا (شروعاتي), ڪوري ڪريڪ (پويون)، پاڪستان، انڊيا 0 m (0 ft) 23°59′40″N 67°25′51″E |
ڊيگھ | 2٬880 km (1٬790 mi) |
پاڻي جو نيڪال |
|
طاس جا تفصيل | |
طاس جي ماپ | 1٬165٬000 km2 (450٬000 sq mi) |
ڇوڙ ڪندڙ شاخون |
|
اهو علائقو جنهن کي يوناني سنڌوءَ مان ”پراچين“، هندو ”سنڌو ديس“، عرب جاگرافيدان مهراڻ ۽ سنڌ جا رهواسي پڻ ”سنڌوديس“ جي نالي سان سڏيندا آيا آهن. قديم دور ۾ سنڌ جون حدون ”اتر ڏي بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ ڏانهن عربي سمنڊ، اڀرندي طرف وارياسو رڻ پٽ ۽ الهندي ڏي جبلن جي هڪ قطار هيون.“ سنڌوندي کي ”مٺو سمنڊ“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. سنڌوءَ جو عام وهڪرو اتر کان ڏکڻ طرف آهي. سنڌوندي ”بکر (سکر) ۽ روهڙيءَ جي شهرن وچان پهاڙن کي چيريندي آهستي آهستي ڏکڻ اولهه طرف وهي ٿي.“ سکر بيراج ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌوءَ مان ڪيترائي واهه ڪڍيا ويا جيڪي سنڌ جي مختلف حصن کي سرسبز ۽ آباد ڪن ٿا. سيوهڻ وٽ جبلن جي روڪ سنڌوءَ کي سڌو اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي جنهن ڪري ان جو رخ حيدرآباد تائين ڏکڻ ـ اوڀر طرف ڦيرائي ٿي. سنڌوندي جو آخري ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو جتي دنيا جي هڪ خوبصورت ڊيلٽا جڙي ٿي.
سنڌو درياءَ جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليا جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙهه شروع ٿئي ٿو جيڪو آگسٽ ۾ پنهنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لهڻ شروع ٿئي ٿو. سنڌوءَ جا قديم بندرگاهه الور، بلري، منصوره، منجابري، نيرون ۽ رابيل وغيره هئا. سنڌوءَ جي ڊيلٽا مڇين جي نرسري سڏجي ٿي جتي تمر جا ٻيلا آهن جيڪي مڇين جي واڌويجهه لاءِ خوراڪ جو ڪم ڏين ٿا اهڙي طرح اهي ٻيلا سامونڊي کاڌ کان بچاءُ جو پڻ اهم ذريعو آهن.
سنڌو ندي، 1800 ميل ڊگهي آهي، سا هماليه جبل جي سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان نڪري ٿي، سنگي ڪباب ٿٻيٽ ۾ آهي. سنگي ڪباب مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل پري آهي. سنڌو ندي والاريل ڪشمير مان ٿيندي آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواهه، پنجاب لتاڙيندي، اتان جي چئن ندين جون پاڻي پاڻ منجهه سمائيندي، سنڌ ۾ ڪشمور وٽان داخل ٿئي ٿي. پوءِ هاڻوڪي سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌو سڀيتا جي مٿي ڄاڻايل تهذيبي دؤر ۾ موجوده سنڌ ۾ سنڌو ندي ٻن حصن ۾ وهندي هئي. ان جي اولهه واري شاخ ليمون جوڻيجي کان اولهه طرف وهندي لوهم جو دڙي، لوهري، آمري جي ڀرسان لنگهندي، حيدرآباد وٽان ٿيندي وڃي سمنڊ ۾ پوندي هئي. هاڪڙو کي سنڌوندي مان پاڻي ٻن هنڌن تان ملندو هو. هڪ ڪشمور واري شاخ ۽ ٻيو سکر واري شاخ مان. [1][2]
سنڌوجو قديم دور وارو عروج مختلف بئراجن ۽ ڊيمن اڏجڻ سبب گهٽجي ويو آهي. جنهنڪري سنڌوءَ جي ٻنهي طرفن کان موجود ٻيلا پڻ پنهنجو جوڀن وڃائي ويٺا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ ڊيلٽائي علائقن جي سونهن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. اتان جي انساني آبادي پڻ بحران جي وَر چڙهي پڪي جي علائقن ڏانهن تيزيءَ سان لڏپلاڻ ڪري رهي آهي. سامونڊي ويرن جي چاڙهه سبب تقريبن سموري ڊيلٽائي علائقي ۾ کارو پاڻي ڪاهجي پيو آهي. سنڌ صوبي م سنڌوندي جي ڊيگھ 750 ڪلوميٽر آهي[3].