زابل
From Wikipedia, the free encyclopedia
زابل (انگريزي: Zabul/Zabol) ايران جي صوبي بلوچستان و سيستان جو ھڪ شھر آھي جيڪو زابل شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر افغانستان جي سرحد ويجھو زاھدان جي اتراوڀر ۾ اٽڪل 205 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آباد آھي[1]. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 480 ميٽر اوچو آھي ۽ 2016ع جي انگن اکرن موجب ھن جي آبادي 134،950 آھي. ھي شھر تھران کان 1548 ڪلوميٽر پري آباد آھي. 1920ع واري ڏھاڪي تائين ھن شھر کي سيستان ڪوٺيو ويندو ھو. رضا شاھ پھلويءَ جي حڪم سان ھن شھر جو نالو سيستان مان بدلائي زابل رکيو ويو. ھخامنشي سلطنت وارن ڏينھن ۾ ھن شھر کي ”زرنڪا“ ڪوٺيو ويندو ھو. زرنڪا ھخامنشي سلطنت جو ھڪ گورنر ھو جيڪو ھتان ٽيڪس گڏ ڪري بادشاھ ڏانھن موڪليندو ھو.
Zabol زابل | |
---|---|
شھر | |
جاگرافي بيهڪ: 31°01′43″N 61°30′04″E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سيستان ۽ بلوچستان |
شھرستان | زابل |
ضلعو | مرڪزي |
ھي شھر ھامون ڍنڍ جي ويجھو آباد آھي ۽ ھن علائقي کي ھلمند ندي سيراب ڪري ٿي. ھلمند ندي ھڪ موسمياتي ندي آھي جيڪا سال جو گھڻو حصو سڪل رھندي آھي. ھن شھر جا اڪثر رھواسي پارسي ۽ بلوچ آھن[2] زابل يونيورسٽي ھتان جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آھي جڏھن تہ زابل ميڊيڪل سائنس يونيورسٽي بہ ھتان جي مکيہ تعليمي ادارن ۾ شامل آھي. ھي شھر روڊ رستي افغانستان جي شھر زرنج سان ڳنڍيل آھي. افغانستان ھن شھر رستي پنھنجو سامان عربي سمنڊ تائين پھچائيندو آھي جتان چابھار بندرگاھ وسيلي اھو سامان ڏيساور موڪليو ويندو آھي.