![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/d3/Sab_fort.jpg/640px-Sab_fort.jpg&w=640&q=50)
سيستان ۽ بلوچستان صوبو
From Wikipedia, the free encyclopedia
سيستان ۽ بلوچستان (انگريزي: Sistan and Baluchistan; فارسي: استان سيستان و بلوچستان) ايران جو پکيڙ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏو صوبو آھي. ايران جي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود ھن صوبي جون سرحدون پاڪستان ۽ افغانستان سان ملن ٿيون[2]. ھن صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ زاھدان آھي[3] ۽ ھن جي ڪل پکيڙ 181،785 چورس ڪلوميٽر آھي[4]. ھن صوبي جي پکيڙ سڄي ايران جي پکيڙ جو 11 سيڪڙو آھي. ھن صوبي جي 1100 ڪلوميٽر سرحد پاڪستان ۽ افغانستان سان ملي ٿي. ھي پاڪستان جو واحد صوبو آھي جنھن جي سرحد پاڪستان سان ملي ٿي. ھن صوبي جي 300 ڪلوميٽر سرحد عماني سمنڊ سان ملي ٿي[5].
سيستان ۽ بلوڇستان استان سیستان و بلوچستان | |
---|---|
صوبو | |
![]() Sib and Suran Castle | |
![]() سيستان ۽ بلوچستان صوبو ۽ ان جا شھرستان | |
![]() ايران جي نقشي ۾ سيستان ۽ بلوچستان جي بيھڪ گاڙھي رنگ ۾ | |
جاگرافي بيهڪ: 29.4924°N 60.8669°E / 29.4924; 60.8669 | |
ملڪ | ايران |
گاديءَ جو ھنڌ | زاھدان |
شھرستان جو تعداد | 19 |
حڪومت | |
• گورنر جنرل | حسين مدرس خياباني |
پکيڙ | |
• ڪل | 180,726 ڪ.م2 (69,779 ميل2) |
آبادي (2016)[1] | |
• ڪل | 2,775,014 |
اصل ۾ سيستان ۽ بلوچستان ايرن جا ٻہ جدا صوبا ھئا پر 1979ع ۾ ٻنھي صوبن کي ملائي ھڪ صوبو بنايو ويو[6]. ھلمند ندي ھن صوبي جي وڏي ۾ وڏي ندي آھي جنھن جو پاڻي زراعت ۽ پيئڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن صوبي ۾ 2,775,014 ماڻھو رھن ٿا جن ۾ بلوچ، پارسي سيستاني، ڪرد ۽ ٻيا شامل آھن. ھن صوبي جي موسم خشڪ گرم ۽ ريگستاني آھي. زاھدان، زابل ۽ ايرانشھر ھن صوبي جا وڏا شھر آھن.