بکر
ٻيٽ / From Wikipedia, the free encyclopedia
بکر جو جزيري نما قلعو، بکر ۽ روهڙيءَ جي درميان، نديءَ جي وهڪري جي وچ ۾ چُن جي ٽَڪرين جي هڪ ڪڙي آهي، جي هت سنڌو نديءَ کان گذر ڪن ٿيون، ۽ ڏکڻ طرف اٽڪل پنجاھ ميلن ۾ وڃن ٿيون. هي ظاهر آهي ته اٺين صديءَ جي وچ ڌاري، سنڌو نديءَ پنهنجو پراڻو رستو وساري، الور کي اُجڙ ڪري، ٽڪرين جي قطار کي هتان (بکر کان) اچي ڪَٽيو. پر بکر وٽ پختيءَ زمين کاڌ کان نديءَ جي پاڻيءَ جو مقابلو ڪيو ۽ بکر جو مقام پسگردائيءَ جي حاڪمن لاءِ تمام اهم ۽ مرڪزي ثابت ٿيو. بکر ڪئين ٻيٽ ٿيو، سکر Sukkur کان ڳچيءَ ڌرتيءَ طرح ڪيئن ظاهر ٿيو، ان جو علم ناهي.
بکر جي قلعي جو ڪڏهن بنيا دپيو، ان باري ۾ صاحب ’لب تاريخ‘ جو بيان آهي ته سنه 333ھ ۾ عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ مهراڻ جي ٻن شاخن جي وچ ۾ تعمير ٿيو.[1] ’تحفة الڪرام‘ ۾ سندس اڳوڻو نالو ’فرسته‘ ڏنل آهي. هندو راڄ جي زماني ۾ سندس نالو نشان ڪونه هو. الور جي ويرانيءَ کان پوءِ اتي جا رهاڪو لڏيندا بکر ۽ سندس پسگردائيءَ ۾ وڃي رهڻ لڳا. چون ٿا ته سيد محمد مڪي رحه جڏهن صبح جو هن ٻيٽ ۾ داخل ٿيو، تڏهن فرمايائين:
”جعل الله بکر تي في بقعته المبارکته“ ”يعني ته الله تعاليٰ منهنجو صبح برڪت واري هنڌ تي ڪيو.“ مٿئين بيان موجب بکر الور جي ويرانيءَ کان اڳ آباد ٿيو ۽ مٿس هجري ستين صديءَ ۾ بکر نالو پيو. هجري اٺين صديءَ ڌاري ابن بطوطا لکي ٿو ته، شهر جي وچ ۾ هڪڙي خانقاه آهي، جت غريبن کي کاڌو ملي ٿو. هت سندس ملاقات قاضي ابو حنيفه، شمس الدين محمد شيرازي ۽ شيخ شمس الدين سان ٿي، جن مان پوئين بزرگ جي عمر هڪ سؤ ويهه ورهيه هئي.[2] سفرنامه ابن بطوطا‘: جلد-2، ص- 19-20. ابن بطوطا جن بزرگن سان ملاقات ڪئي تن جو مفصل احوال موقعي سر ڏبو.
نوٽ: چون ٿا ته شيخ الشيوخ حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني رحه التمش کي ناصرالدين جي بد ارادن کان واقف ڪيو هو. ناصرالدين جي ٻڏي وڃڻ کان پوءِ ملڪ سنان الدين حبثي ديبل جي واليءَ، التمش جي آڻ مڃي.[3]
تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام۾ بکر جو قديم نالو فرسته آهي. مشهور مورخ ائبٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته بکر عربن جي ڪاھ وقت يا فتح وقت تاريخ جي صفحن تي نمودار نه آهي. چچ نامو يا عربي سندون ان جو حوالو نٿيون ڏين. غزنوي سلطانن جي ڏينهن ۾ به هن جو ذڪر نه آهي. تيرهين صديءَ جي اوائل ۾ بکر جو نالو ڪن پيو آهي. اڪبر جي دور ۾ هي گاديءَ جو هنڌ هو. ”تاريخِ معصومي“ مان بکر جي سرسبز ڳوٺن، شهرن جي معلوميت ٿئي ٿي. جڏهن بکر جو اسان تي تسلط ٿئي ٿو، سڄي هند جي قطعي ۾ هن جي هاڪ آهي. هي ڪڏهن به فتح ڪري نٿو سگھجي. اهڙو ڪوبه رڪارڊ ڪونهي ته هن قلعي کي غزني، غوري، يا دهليءَ جي تغلق حاڪمن سر ڪيو. ٺٽي جي قبضي وقت شاھ بيگ ارغون بکر هڪڙي عهدنامي تحت هٿ ڪيو، *۽ هن جي وقت ۾ بکر ۾ ڪيئي ويڙهيون ٿيون. ڌاريجن سيدن کان بکر وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي؛ 1540ع ۾ سلطان محمود جي خلاف هن کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي هٿ ۾ رکيو.
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته:" هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو ئي ڪونه هو، تڏهين الور (هاڻوڪو اروڙ) وڏو شهر هو. جڏهين اهو ڦٽو؛ تڏهين بکر آباد ٿيو. ۽ پوءِ الور پاڻ انهيءَ جي ٻهراڙي جو ڳوٺ ٿيو. پهرين پهرين سيد محمد مڪئي مشهدي اتي آيو. جو سيد محمد شجاع جو پٽ هو ۽ جنهن جي مآءٌ مشهور شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي نياڻي هئي ۽ مڪي ۾ ڄائو هو. جڏهين هن پريندي اچي انهيءَ فرسته شهر ۾ پير پاتو؛ تڏهين فجر جو وقت هو؛ جنهن کي عربيءَ ۾ بُڪرة چوندا آهن. سيد لهڻ سان چيو ته جعل الله بُڪرتي في بقعـﺔ المبارڪ يعني خدا تعاليٰ منهنجو صبح. هن برڪت وري ڳوٺ ۾ ڪيو. انهيءَ کان پوءِ فرسته کي بڪره سڏڻ لڳا، جو پوءِ بکر سڏجڻ لڳو. اتي جا سيد انهيءَ سيد محمد مڪئيءَ جو اولاد آهن. سيد حيدر حقاني، جنهن جي قبر پڻ اتي آهي. سو به انهيءَ جي اولاد مان هو ۽ انهيءَ جو به اولاد گهڻو آهي. مير ميران لوهريءَ وارو به انهيءَ جي اولاد مان هو. ڪن جو چوڻ آهي ته لهڻ کان اڳي سيد محمد مڪئيءَ کان سندس ماڻهن پڇيو ته ”ڪٿي بار لاهيون؟“ چيائين ته ”جتي صبح وقت ڍڳي جي رنب ٻڌو“. ڍڳي کي عربيءَ ۾ بقر چوندا آهن.انهيءَ هنڌ تي هنن اهڙو آواز ٻڌو ۽ اتي لهي پيا. انهيءَ کان پوءِ ڳالهائڻ ۾ بکر ٿي ويو. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاهه ڦِٽل الور جي سِرن مان اتي قلعو ٺهرايو ۽ سکر ۾ منارو به جوڙايائين ۽ اهو قلعو پوءِ نادر شاهه اچي ويران ڪيو. بکر جو قلعو پهرين پهرين شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو. جنهن اهو شهر ورتو. انهيءَ جي قبر گُجي ۾ آهي. جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي. انهي تي سنه 171 (=787ع) لکيل آهي. انهيءَ جي مرمت وري شاهه بيگ ارغون ڪئي. جنهن سيد ۽ ٻيا ماڻهو لڏايا. بکر ۽ ان جي آسپاس لوهري يا روهڙي سميت جيڪي مشهور ماڻهو ٿي گذريا ۽ جن جون قبرون اتي آهن. تن مان ڪي مٿين (1) سيد محمد مڪئي ۽ (2) حيدر حقانيءَ کان سواءِ هيٺ ڏجن ٿا؛ (3) شاهه حاجي دريائي. انهيءَ جي نسبت ۾ چوڻ ۾ ٿو اچي ته انهي هنڌ هڪڙي انڌي قلندر مڇي مارڻ لاءِ ڪنڍي وڌي هئي. هڪڙيءَ صندوق ۾ ڪنڍي وڃي اٽڪيس. آخر اها ڪڍيائين ته اکين کان سڄو ٿيو ۽ ڏسڻ لڳو. صندوق کوليائين ته انهيءَ ۾ هڪڙي لاش پيئي هئي. جا کڻي پوريائون. خواب ۾ هن کي معلوم ٿيو ته انهيءَ فوتيءَ جو نالو شاهه حاجي آهي ۽ عرب مان هليو هو. انهيءَ لاءِ ته پنهنجي مرشد بهاءَالدين جي پاسي ۾ دفن ٿئي. انهيءَ بزرگ جي قبر به اتي درياهه جي ڪنڌيءَ تي هئي. هن جي لاش به خدا جي قدرت سان اتي اچي نڪتي. اهي ٻئي قبرون اتي گڏ آهن. (4) شاهه مقصود. جنهن جو لقب ”موجود“ هوندو هو.. انهيءَ جي قبر اُمرڪس جي هن ڀر آهي. هر سال هر مهيني جي 14 تاريخ آچر جي ڏينهن ميڙو لڳندو آهي. انهيءَ رات چوندا آهن ته غيبي بازاريون اتي لڳنديون آهن. هڪڙي ڀيري ڪنهن شخص انهيءَ غيبي بازار جي هڪڙي دڪان واري وٽ پنهنجي ترار گروي رکي. صبح جو بازار جو نشان ئي اتي ڪو نه هو. جڏهين انهيءَ مٿينءَ حقيقت جي خبر پيس، تڏهين ٻئي مهيني تائين منتظر رهيو. جڏهين ٺهرايل رات آئي. تڏهن انهيءَ ساڳئي دڪان تي وڃي پنهنجي ترار ڇڏايائين. شاهه مقصود جي ڀآءٌ حاجي غيب جي به اتي قبر آهي. (5) شيخ نوح بکري هڪڙو وڏو شيخ ٿي گذريو آهي. جو شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو مريد هو. فرسته يا بکر ۾ رهندو هو. جڏ هين شيخ بهاوالدين زڪريا ملتاني شيخ شهاب الدين جو مريد ٿي سندس حڪم سان سنڌ ۾ آيو ۽ حڪم موجب شيخ نوح کي ڏسڻ آيو، تڏهن اتفاق سان شيخ نوح به وفات ڪئي. (6) مير ابو الغيث بکر جي وڏن سيدن ۽ اميرن مان هو. نهايت پرهيزگار شخص هو. جڏهين امير تيمور جو پوٽو مرزا پير محمد بکر وٺڻ لاءِ آيو. تڏهين هن سيد پنهنجي ڏاڏي حضرت پيغمبر صلعم کان عزت آبروءَ جي پناهه گهري انهيءَ رات مرزا خواب ۾ حضرت پيغمبر صلعم ڏٺو. جنهن چيس ته منهنجي اولاد جي تعظيم رکجانءِ ۽ انهن سان چڱو سلوڪ ڪجانءِ. نون ڏينهن کان پوءِ جڏهين مير ابوالغيث. مرزا جي ملاقات تي ويو. تڏهين هو اٿي ڀاڪر وجهي گڏيس ۽ پنهنجي پاسي ۾ وهاريائينس ۽ ساڻس چڱي صحبت ڪيائين ۽ موڪلائڻ مهل الور جو پرڳڻو انعام ڏنائينس. (7) مير ابوالبقا به بکر جي وڏن ساداتن مان هو. همايون بادشاهه جڏيهن اتي آيو. تڏهن هو اتي اچڻ وڃڻ لڳو ۽ وڏي عزت حاصل ڪيائين؛ پر بکر جي ڪامورن انهيءَ ڳالهه ڪري هن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ همايون کي هن جو ڏاڍو ڏک ٿيو (8) شاهه قطب الدين بن شاهه محمود اصل خراسان جو هو. جو پوءِ بکر ۾ اچي رهيو. نهايت خدا پرست ماڻهو هو ۽ جمعي جي ڏينهن وعظ ڪندو هو. مرزا شاهه حسين ارغون هن کي بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو هو. نيٺ سنه 977 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وفات ڪيائين. (9) شاهه جهانگير هاشمي مٿئين شاهه قطب الدين جي عزيزن مان هو ۽ مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ خراسان مان آيو هو. چکو شاعر هوندو هو. مثنوي ”تحفته الحرار” جي "[4]