دهلي
هندوستان جي نيشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري / From Wikipedia, the free encyclopedia
دھلي يا نئشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري (انگريزي: National Capital Territory ) ڀارت جو ھڪ خطو جيڪو رياستي درجو رکي ٿو جنھن جو گاديءَ جو هنڌ دھلي شھر آھي. ھن خطي جو پراڻو نالو چيف ڪمشنر وارو دھلي صوبو ھيو پوء ان جي جاء تي اسٽيٽس ري آرگنائيزيشن ايڪٽ آف 1956 جو قانون منظور ڪندي ساڳي سال يونين ٽيريٽري آف دھلي ۾ قائم ڪئي وئي پر 1992 م ان کي نئشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري جو نالو ڏنو ويو. ھن خطي جي ٽن طرفن اتر، اولھ ۽ ڏکڻ کان ھريانا رياست ۽ اوڀر پاسي اتر پرديش رياست واقع آھن. ھن ٽيريٽري۾ 11 ضلعا 33 سب ڊويزنون ۽ 59 مردم شماري وارا شھر ۽ 300 کن ڳوٺ واقع آھن. ھن رياستي خطي جو وڏي ۾ وڏو شھر دھلي شھر آھي ساڳي شھر جي لڳو لڳ نيو دھلي شھر واقع آھي جيڪو انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ آهي . ھن رياست جي پکيڙ 1483 چورس ڪلوميٽر آهي جيڪا پکيڙ ۾ انڊيا جي صوبائي رياستن ۽ خطن ۾ 31ھين نمبر تي آهي. ھن رياست جون مکيه ٻوليون ھندي، انگريزي، اردو ۽ پنجابي آھي.[5] ھن رياستي خطي جي پنھنجي ليجسليٽو اسيمبلي آھي جيڪا 1956 ۾ منسوخ ٿيڻ بعد 1993 ۾ ھڪ دفعو ٻيھر بحال ڪئي وئي جيڪا ھن خطي جي حڪومت جي سربراھ وزيراعلي کي چونڊيندي آھي. مرڪزي رياست جي طرفان ليفٽيننٽ گورنر مقرر ٿيندو آهي.
نيشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف دھلي | |
---|---|
رياست | |
مٿان کان ساڄي طرف: ڪنول وارو مندر،ھمايون جو مقبرو،ڪوناٽ محل نئين دهلي، اڪشردم مندر ۽ انڊيا جو دروازو | |
انڊيا ۾ دھلي واري يونين ٽيريٽري جو مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 28°36′36″N 77°13′48″E | |
ملڪ | ڀارت |
قيام | 1956 ۾ ستين آئيني ترميم ذريعي |
يونين ٽيريٽري جو قيام "آئين 1956 ۾ 7th ترميم"ذريعي />[1] | 1956 |
Formation of NCT[2] | 1 February 1992 |
گادي واري سيٽ | دهلي شھر |
بورو (انتظامیا) | 11 ضلعا |
حڪومت | |
• مجلس | دھلي جي رياست جي حڪومت |
• گورنر | انيل بائجال [3] |
• چيف منسٽر | عام آدمي پارٽيءَ جو اروند ڪيجريوال |
پکيڙ | |
• نيشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري | 1,484.0 ڪ.م2 (573.0 ميل2) |
• آبي | 18 ڪ.م2 (6.9 ميل2) |
پکيڙ ۾ درجو | انڊيا جي رياستن ۽ خطن ۾ پکيڙ ۾ 31ھون نمبر |
بلندي | 200–250 ميل (650–820 ft) |
آبادي (2011)[4] | |
• نيشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري | 16,787,941 |