شاھ بيگ ارغون(انگريزي: Shah Beg Argun)شاهه بيگ پنهنجي والد امير ذوالنون جي وفات کان پوءِ، اتفاق راءِ سان قندھار حڪومت تي ويٺو. هر اهو شخص جيڪو امير ذوالنون جي حياتيءَ ۾ پنهنجي منصب تي فائز هو، سو سابقه دستور مطابق، ائين ئي رهيو. شاهه بيگ هميشه، علماء ۽ طلباء علم، جي صحبت ۾ گذاريندو هو.[1]يرزا شا بيگ، لقب شاهه شجاع ابن امير ذوالنون،(1) سنڌ جو پهريون ارغون بادشاهه هو. امير ذوالنون شروع کان ئي، ميرزا شاهه حسين بايقرا هرات جي حاڪم پاران (884ھ-913ھ) قنڌار جو گورنر هو ۽ ان کان پوءِ شال (ڪوئيٽا)، مستونگ، سيوي تي سندس قبضو رهيو.
ميرزا شاهه بيگ ارغون هرات ۾ ڄائو هو ۽ اتي پنهنجي والد جي تربيت ۾ علم حاصل ڪيائين. ڦوهه جواني ۾ علمي ڪمالات ۽ آداب حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهي، ڪافي وقت عبادت ۽ طاعت ۾ گذاريندو هو. شروع ۾ جڏهن پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ هرات جي تختگاهه ۾ رهندو هو، تڏهن هميشه هرات جي عالمن جي مجلس ۾ ويندو هو ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا علمائن کي پنهنجي جاءِ تي دعوت ڪري گهرائيندو هو. مطلب ته هي بذات خود پاڻ به عالم هو ۽ سندس دربار هميشه عالمن، شاعرن سان مزين هئي.[1]
ترت ڄاڻ شاھ بيگ ارغون, سنڌ جو حاڪم ...
بند ڪريو