![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/a7/Ezra_Cornell%2527s_first_book.jpg/640px-Ezra_Cornell%2527s_first_book.jpg&w=640&q=50)
ادب
From Wikipedia, the free encyclopedia
ادب (Literature) عربي ٻولي جو لفظ آھي ۽ مختلف النوع مفھوم جو حامل آھي. ظھور اسلام کان اڳ عربي ٻولي ۾ ضيافت ۽ مھماني جي معنائن ۾ استعمال ٿيندو ھو. پوءِ ھڪ ٻيو مفھوم به شامل ٿيو، جنھن کي اسان گڏيل لحاظ سان شائستگي چئي سگھون ٿا. عربن جي ويجھو مھمان نوازي لازمي شرافت سمجھي ويندي آھي، جنھن ڪري شائستگي ، سليقو ۽ حسن سلوڪ به ادب جي معنائن ۾ داخل ٿيا. جيڪو مھمان داري ۾ شائستہ ھوندو اھو عام زندگي ۾ به شائستہ ھوندو ان سان ادب جي لفظ ۾ شائستگي به اچي وئي . ھن ۾ خوش بياني به شامل آھي. اسلام کان اڳ خوش بياني کي اعلٰي ادب چيو ويندو ھو.گھلاوٽ ، گداز ، نرمي ۽ شائستگي ھي سڀ شيون ادب جو جزو بڻجي ويون. بنو اميہ جي زماني ۾ بصرَي ۽ ڪوفَي ۾ زبان جو تحريري سرمايي کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيو. ان ئي زماني ۾ گرامر ۽ صرف و نحو جا ڪتاب لکيا ويا تہ جيئن ادب ۾ اندازبيان جي صحت قائم رھي. جديد دور ۾ ادب جي معنيٰ مخصوص قرار ڏني وئي . ادب جي لاءِ ضروري آھي تہ ھن ۾ تخيل ۽ جذبا ھجن نه ته ھر تحريري ڪارنامو ادب چورائي سگھي ٿو.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/a7/Ezra_Cornell%27s_first_book.jpg/320px-Ezra_Cornell%27s_first_book.jpg)
ساهت، ادب کي هنديءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ساهت چيو ويندو آهي. ”ساهتيه“ سنسڪرت جو لفظ آهي. ’ساهتيه‘ لفظ جي اکري معنيٰ موجب ساهتيه ۾ لفظ ۽ معنيٰ جو پاڻ ۾گهاٽو ميلاپ آهي. ان حساب سان انسان ٻوليءَ جي وسيلي پنهنجي امنگن ۽ ويچارن جو اظهار ڪري ٿو، جيڪي لکت ۾اچي وڌيڪ دائمي ٿين ٿا. انهيءَ اکري معنيٰ موجب سمورا ادبي ڪتاب ساهتيه ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا.[1]
تخليق جي خواھش انسان جي فطرت آھي. ھن ئي جبلي خواھش سان آرٽ پيدا ٿئي ٿو. آرٽ ۽ ٻين علمن ۾ اھو ئي فرق آھي تہ ھن ۾ ڪائي مادي نفع مقصد نہ ھوندو آھي. ھي بي غرض مسرت آھي. ادب آرٽ جي ھڪ شاخ آھي جنھن کي "فنِ لطيف" به چئي سگھجي ٿو. ميٿيو آرنلڊ جي ويجھو اھو سڀ علم جيڪو ڪتاب جي ذريعي اسان تائين پھتو آھِ، ادب چورائي ٿو. ڪارڊ ڊينيل نيومين چوي ٿو "انساني فڪرن ، خيالن ۽ احساسن جو اظھار زبان ۽ لفظن جي ذريعي ادب چورائي ٿو". نارمن جودڪ چوي ٿو تہ "ادب مراد آھي ان تمام خيالن ۽ احساسن جي سرمائي مان جيڪي تحرير ۾ اچي چڪو آھي ۽ جنھن کي ھن طرح ترتيب ڏنو ويو آھي تہ پڙھڻ واري کي مسرت حاصل ٿئي ٿي." مطلب ته انساني تجربن جي جمالياتي اظهار کي ادب چيو وڃي ٿو.
”ادب“ پنھنجي وجود ۾ وسيع معنيٰ ۽ مفھوم رکي ٿو. ‘ادب’ لفظ جي اوسر جڏهن سر زمين عرب ۾ ٿي، تڏھن يورپ وارن ان جو مفھوم Enlightened Literature يا ’Polite Literature‘ ڪري ورتو. جنھن مان اھو علم يا تحرير ظاهر ٿي ٿٖي، جيڪا، لطافت ۽ عملي زيب ۽ زينت ڏانھن اشارو ڪري ۽ انھن قدرن جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اھا تحرير يا تخليق، جيڪا انساني طبيعت ۾ لطف، سڪون يا سرور پيدا ڪري. انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا مطابق “لٽريچر (Literature ) ھڪ عام لفظ اھي، جيڪو اھو مفھوم ڏئي ٿو تھ خيال جو اظھار جيڪو تحرير ھيٺ اچي سو لٽريچر اھي. اها لکت، جنهن ۾ زيب، زينت، حسن ۽ رعنائي هجي، ادب، لطافت ۽ زندگيءَ جي گوناگون حقيقتن جي ترجماني ڪري ۽ انهن خوبين جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.“ ادب جو بنيادي ڪم جمالياتي خوشي ڏيڻ آهي. ادب ۾ نثر توڙي شاعريءَ جون سڀ صنفون اچي وڃن ٿيون، جھڙوڪ: ڊراما، ڪهاڻيون، ناول، تنقيد، آتم ڪھاڻيون، سوانح عمريون، سفرناما، نظم، غزل، وايون، بيت، دوها وغيره وغيره. [2] ولاديمير ايلڇ لينن مطابق: ادب ھڪ آئينو آهي، ۽ جيڪو آئينو صحيح ۽ حقيقي عڪس پيش نه ڪري، سو آئينو نہ سڏبو آهي[3]. لينن پنھنجي مضمون بورجوا رسالي بابت ۾ لکيو آهي ته صحيح ۽ سچو ايب عام ۽ ڄاتل حقيقتن جو نقش چٽي، پڙھندڙ کي مطالعي ۽ سوچڻ جي راھ تي وٺي ايندو آهي. سادن دليلن ۽ کپي ويندڙ مثالن سان ھو انھن حقيقتن مان اھم ۽ ڇيد نتيجا ڪڍي ڏيکاريندو آھي، ۽ پڙھندڙ جي ذھن ۾ زندگي ۽ زندگيءَ جي حقيقتن بابت نوان نوان سوال اڀاريندو آھي[3].