سفرنامو(Travelogue) علمي ۽ ادبي حيثيت ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. ادب جي ھيءَ واحد صنف اھي، جنھن جو معاشري جي سڀني علمن سان تعلق اھي. اديبن، تاريخدانن، سياحن، جاگرافيدانن ۽ سوانح نگارن ھن صنف مان گھڻو فائدو ورتو اھي. ان ڪري دنيا جي ھر زبان ۾ سفرنامن کي اعليٰ مقام حاصل اھي. درحقيقت، سفرنامو سير ۽ سفر جي مشاھدن جي اھا روئداد اھي، جيڪا ليکڪ قلمبند ڪندو اھي. سفرنامي ذريعي ھڪ ليکڪ پنھنجي ذاتي تجربن، مطالعي، مشاھدن ۽ تصوراتي ڏات جي بنياد تي جيڪا تاريخي، جاگرافيائي، موسمياتي، اقتصادي، صنعتي، تجارتي، زراعتي، علمي، ادبي ۽ ٻين موضوعن متعلق معلومات گڏ ڪري پيش ڪري ٿو. ان جي افاديت ۽ مقبوليت وڌيڪ ٿئي ٿي. سنڌي سفرنامي جا اوائلي اھڃاڻ سڀ کان پھريان شاھ عنايت رضوي (1644-1713ع)، شاھ لطيف (1689-1752ع)، خليفو نبي بخش (1776-1863ع)، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (1682-1752ع) ۽ سيد ثابت علي شاھ (1740-1800ع) جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.نثري سفرنامي جي شروعات انگريزن جي دور ۾ ٿي. سنڌي زبان ۾ گهڻي ۾ گهڻا سفرناما الطاف شيخ لکيا آهن، جن جو تعداد 80 ڪتابن کان بہ مٿي ٿيندو. ان کان علاوه عبدالحئي پليجو ۽ محمد خان سيال جا نالا اهم آهن.[1]

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.