![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/7/75/BritishEmpire1919.png/640px-BritishEmpire1919.png&w=640&q=50)
سلطنت برطانيا
From Wikipedia, the free encyclopedia
سلطنت برطانيه (British Empire) پنهنجي ويڪر جي اعتبار سان تاريخ جي سڀ کان وڏي سلطنت هئي ۽ ڪافي عرصي تائين هي هڪ عالمي طاقت رهي۔ 1921ء تي پنهنجي طاقت ۽ ويڪر جي انتها تي هي 33 ملين چورد ڪلوميٽر رقبي تي پکڙيل هئي ۽ ان جي حڪمراني هيٺ 45 ڪروڙ 80 لک ماڻهو هيا جيڪي ان وقت جي عالمي آبادي جو هڪ ڀاڱي چار ٿين ٿا۔ هي ايتري ويڪري هئي جو هن جي باري ۾ چيو ويندو هو ته سلطنت برطانيا تي ڪڏهن سج لهندو نه هيو. هي دنيا جي پنجن ئي آباد کنڊن تي موجود هئي۔
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/7/75/BritishEmpire1919.png/640px-BritishEmpire1919.png)
هن جي شروعات آئرلينڊ ۾ 1541ء کان ٿي۔ 1607ء ۾ آمريڪا ۾ جيمز ٹائون پهرين انگريز آبادر هئي۔ 1707 ۾ اسڪاٽ لينڊ ۽ انگلستان متحد ٿين ٿا۔ برطانوي نيون آباديون اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا، آسٽريليا ۽ ايشيا ۾ پکڙجنديون وڃن ٿيون۔ هن دوران گڏيل آمريڪي رياستن جي آزادي ۽ سلطنت برطانيا کان عليحدگي هڪ علائقائي نقصان ته هيو پر تجارتي ۽ معاشي تعلق بدستور قائم رهيق۔
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/4/4f/Clive.jpg/640px-Clive.jpg)
برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني سلطنت برطانيا جي ڦهلاء ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ انجي ابتدا 1600ء ۾ ملڪه ايلزبٿ پهرين جي دور ۾ بحيثيت هڪ تجارتي ڪمپني جي ٿي۔ هن جو مقصد هندستان سان تجارت هئي۔ مغل سلطنت جي زبون حالي طاقت جو خال پيدا ڪيو جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني پورو ڪيو. 1857ء تي ننڍو کنڊ مڪمل طور تي سلطنت برطانيا جو حصو بڻجي چڪو هو۔