اُتر اولهہ يورپ ۾ ملڪ، برطانيا جو حصو From Wikipedia, the free encyclopedia
اسڪاٽلينڊ (scotland) يونائٽيڊ ڪنگڊم جو هڪ رُڪن ملڪ آهي.هي مُلڪ عظيم برطانيا ٻيٽَ جي اُتر ۾ ٽئين ڀاڱي تي موجود آهي. ان جي سرحد ڏکڻ طرف انگلستان جڏهن ته اوڀر ۾ اتر سمنڊ، اولهه ۽ اتر ۾ نارٿ چينل ۽ آئرش سمنڊ سان ملي ٿي. اصل ۾ لينڊ کانسواءِ 790 ننڍا ٻيٽَ پڻ اسڪاٽلينڊ جو حصو آهن.
اسڪاٽلينڊ Alba (Scottish Gaelic) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
مڪانيت اسڪاٽلينڊ (dark green)– نقشو Europe (green & dark grey)– in the گڏيل بادشاھت (green) مڪانيت اسڪاٽلينڊ (dark green) – نقشو Europe (green & dark grey) | |||||
حیثیت | ڏيهَ | ||||
گادي جو هنڌ | ايڊنبرا 55°57′11″N 3°11′20″W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | گلاسگو | ||||
ٻوليون | انگريزي | ||||
منظور ٿيل ٻوليون[c] |
| ||||
نسلي گروھ (2011) |
| ||||
مذهب | اسڪاٽينڊ جو چرچ رومن ڪيٿولڪ ٻيا عيسائي السام هندومت ٻڌمت سکھ مت يهودين جو مذهب ٻيا ڪو به مذهب ناهي[2][3] | ||||
مقامي آبادي |
| ||||
|
| ||||
حڪومت | ورثي ۾ اچڻ پارلياماني قانون سازي جي اختيار اندر آئيني بادشاهت[e] | ||||
• راجا |
ايلزبٿ II | ||||
• پهريون وزير |
نيڪولا استورجين | ||||
• پهريون نائب وزير |
John Swinney | ||||
برطانيا جي پارليامينٽ | |||||
• رياست جو سيڪريٽري | Alister Jack | ||||
• هائوس آف ڪامنز | 59 MPs (of 650) | ||||
مقننه | اسڪاٽش پارليامينٽ | ||||
بناوت | |||||
• بنياد |
9هين صدي (روايتي 843) | ||||
• انگلينڊ جا ايڪو |
مئي 1, 1707 | ||||
• Devolution |
19 نومبر 1998 | ||||
پکيڙ | |||||
• Land |
77٬933 km2 (30٬090 sq mi)[4] | ||||
• پاڻي (%) |
3.00% | ||||
آبادي | |||||
• 2017 اندازو |
5,424,800[5] | ||||
• 2011 مردم شماري |
5,313,600[6] | ||||
• گھاٽائي |
67.5 /km2 (174.8 /sq mi) | ||||
GVA | 2017 estimate | ||||
• ڪُل (ٽوٽل) | £138 billion[7] | ||||
• في ڪس پرڪيپيٽا | £25,500[7] |
ايڊنبرا اسڪاٽلينڊ جو راڄڌاني ۽ ٻيو وڏو شهر آهي. هي شهر يورپ جي وڏن واپاري(تجارتي) مرڪزن منجهان هڪو آهي. ايڊنبرا کي اتيت (ماضيءَ) ۾ اسڪاٽلينڊ جي مرڪزي حيثيت حاصل هُئي پر هاڻي گلاسگو جيڪو اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، اهو ايڊنبرا کان ترقيءَ ۾ اڳتي نڪري چُڪو آهي. اسڪاٽلينڊ جي آبي حدن ۾ اُتر ڄميل سنمڊ جو هڪ وڏو حصو پڻ اچي ٿو. تيل جي ذخيرن جي لحاظ کان اسڪاٽلينڊ يورپي يونين ۾ سڀني کان اڳتي آهي. اسڪاٽلينڊ جو ٽيون وڏو شهر ايبرڊين آهي جيڪو يورپ ۾ تيل جو راڄڌاني سڏبو آهي.
اسڪاٽلينڊ جي رياست 1707 تائين هڪ خودمختيار رياست هئي جنهن کي پوءِ ذاتي پسند جي بنياد تي انگلينڊ ۽ آئرلينڊ سان ملايو ويو هيو. ان جو سبب هي هيو تہ اسڪاٽلينڊ جو جيمز ڇهون ساڳئي وقت ٻن رياستن جو بادشاهہ پڻ هو. 17 مئي 1707 تي اسڪاٽلينڊ پڻ الحاق ۾ شامل ٿي وئي ۽ اُهي سڀئي رياستون ملي هڪ ملڪ بڻجي ويون. ان سلسلي ۾ سال 1706 ۾ ٻنهين رياستن جي پارليامينٽ گڏجي هڪ قانون منظور ڪيو، تنهن هوندي ان الحاق جي خلاف اسڪاٽلينڊ ۾ عام مظاهرا ۽ احتجاج ٿيندا رهيا. اڄ پڻ اسڪاٽلينڊ جو عدالتي، قانوني ۽ ڏوهہ ۽ سزا جو سرشتو (نظام) انگلينڊ ۽ ويلز ۽ اُتر آئرلينڊ کان الڳ آهي.
اسڪاٽ لينڊ جو لفظ لاطيني لفظ سڪاٽي کان نڪتل آهي، جيڪو اسڪاٽلينڊ ۽ آئر لينڊ جي رهواسي ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
موجوده دور جي اسڪاٽلينڊ جي مقام تي لاڳاتار گليشئر ٺهندا ۽ پگهرڻ لڳا جنهنڪري ابتدائي انساني آباديءَ جا آثار مِٽجي ويا. اندازي مطابق آخري ڀير گليشئرن جي هٽڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو 12,800 سال اڳ هتي شڪاري آيا ۽ رهڻ لڳا. 9,500 سال اَڳُ هتي انسانن مستقل رهائش گاهون اڏڻ شروع ڪيون هيو ۽ 6,000 سال اڳ هتي ڳوٺ ٺهڻ لڳا. وڻ جي غيرموجودگي سبب هتي گهڻي ريت اڏاوت مقامي پٿرن سان ڪئي وئي.
اڪساٽلينڊ 4,000 سال اڳ هڪ پراڻو مقبرو مليو آهي جتي پُوريل نوادرات پڻ موجود هيا انهن ۾ ٽامو واري زماني جي شروعاتي حڪمران جي باقيات اڇي ٺڪرين ۽ وڻ جي ٽاري تي رکيل هئي. جنهن مان پروڙَ پئي ٿي ته هي ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن ۽ پيارن جي قبرن تي گُلَ رکندا هيا.
شروعاتي لکيل تاريخ رومن سلطنت جي آمد سان شروع ٿئي ٿي جڏهن رومين انگلينڊ ۽ ويلز تي قبضو ڪيو هيو ان زماني ۾ رومين ان کي برطانيا جو صوبو نالو ڏنو.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.