![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/7/78/Arghandab_River_Valley_between_Kandahar_and_Lashkar_Gah.jpg/640px-Arghandab_River_Valley_between_Kandahar_and_Lashkar_Gah.jpg&w=640&q=50)
ھيلمند صوبو
افغانستان ۾ صوبو / From Wikipedia, the free encyclopedia
ھيلمند يا ھلمند : (انگريزي: Helmand Province ) افغانستان جو ھڪ صوبو جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ واقع آهي جنھن جي پکيڙ 58٬584 ڪلوميٽرزچورس (20٬000 sq mi) آهي. ھن صوبي ۾ 13 ضلعا آهن. صوبي جي ڪل آبادي ٿلھي ليکي 879500 آھي. صوبي جو گادي جو هنڌ لشڪر گاھ آھي. ھي صوبو پھرين قنڌار جو حصو ھيو جنھن کي بعد ۾ ڌار ڪري صوبائي حيثيت ڏني وئي. ھن صوبي مان ھلمند ندي ان جي وارياسي علائقي ۾ وھي ٿي. ان ندي تي ڪجڪي ڊيم پڻ واقع آهي جيڪو ملڪ جو ھڪ وڏو پاڻي جو ذخيرو آهي جيڪو ڪجڪي ضلعي ۾ واقع آهي. ھي صوبو دنيا سڀ کان وڌيڪَ آفيم پيدا ڪندڙ علائقو آهي جتي آفيم جي پيداوار دنيا جي ڪل پيداوار جو %42 آهي[1][2]. جيڪا برما کان بہ وڌيڪ آھيجيڪو افغانستان کان پوء دنيا م آفيم پيدا ڪندڙ ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي. ھن صوبي ۾ آفيم کان علاوه ، تماڪ، چقندر، ڪپھ، ترن ، ڪڻڪ ، مڱ، مڪئي، گورن ، سورج مکي، گدرا، انگور، مڱيرا، زردالو ، بندگوبي وغيره جي پوک پڻ ٿيندي آھي.
ھيلمند | |
---|---|
افغانستان جو صوبو | |
![]() درياء ارغانداب جي وادي جيڪا قنڌار ۽ لشڪرگاھ جي وچ ۾ واقع آهي. | |
![]() افغانستان جي نقشي ۾ ھيلمند صوبو نمايان ڏيکاريل | |
افغانستان جي نقشي ۾ ھيلمند صوبو نمايان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ (گاديءَ جو هنڌ): 31.0°N 64.0°E / 31.0; 64.0 | |
ملڪ | ![]() |
گاديءَ جو هنڌ | لشڪر گاھ |
حڪومت | |
• گورنر | ھدايت الله حيات |
پکيڙ | |
• ڪل | 58,584 ڪ.م2 (22,619 ميل2) |
آبادي (2013) | |
• ڪل | 879,500 |