![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/0/09/Flag_of_Greenland.svg/langsd-640px-Flag_of_Greenland.svg.png&w=640&q=50)
گرين لينڊ
From Wikipedia, the free encyclopedia
گرين لينڊ(انگريزي: Greenland ) گرين لينڊڪ ٻولي ۾ ڪلاليٽ نوناٽ (Greenlandic: Kalaallit Nunaat دنيا جي سڀ کان وڏي ٻيٽ جو نالو آهي[4]. [5]. گرين لينڊ آرڪٽڪ سمنڊ ۽ اينٽلاٽڪ سمنڊ وچ ۾ واقع آهي. اھو ڊينمارڪ جي بادشاھت ھيٺ ھڪ خوداختيار انتظامي علائقو آهي[6] طبعي جاگرافي جي لحاظ کان اھو اتر آمريڪا کنڊ ۾ واقع آهي پر سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان ان جو واسطو يورپ سان وڌيڪ آھي خاص طور تي ناروي، ڊينمارڪ ۽ آئس لينڊ سان ھڪ ھزار سال کان بہ وڌيڪ ويجھو رھيو آھي[7]
ھتان جي رھاڪن جي اڪثريت انيوئٽ آھي جن جا ابا ڏاڏا الاسڪا کان اتر ڪيناڊا جي رستي لڏي آيا ھئا ۽ تيرھين صدي ۾ آھستي آھستي ان ٻيٽ تي آباد ٿيا[8]. اڄڪلھ آبادي ٻيٽ جي ڏکڻ-اولھ واري سامونڊي ڪناري لڳ مرڪوز آھي ۽ باقي ٻيٽ ۾ ڇڊي آبادي آھي. گرين لينڊ پنج ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھي جن ۾ سرمرسوق، ڪوجاليڪ، ققرتالڪ، قيقئاٽا ۽ ايواناٽا شامل آهن. گرين لينڊ جا ٻہ غير شھري علائقا پڻ آهن جن ۾ نارٿ ايسٽ گرين لينڊ نيشنل پارڪ ۽ ٿولي ايئربيس شامل آهن. ايئر بيس ڊينمارڪ جي ڪنٽرول ۾ آهي جنھن جو انتظام يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايئرفورس وٽ آهي[9]
گرين لينڊ جو ٽي ڀاڱي چار حصو مستقل برف جي چادر سان ڍڪيل آهي. گرين لينڊ جي آبادي 2020 جي ڪاٿي مطابق 56,081 آهي. ھي ٻيٽ دنيا جي اندر سڀ کان وڌيڪ ڇڊي آبادي وارو علائقو آهي[10]
گرين لينڊ جي آبادي جو ٽيون حصو نوڪ شھر ۾ رھندڙ آھي جيڪو ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. آبادي ۾ ٻيون نمبر وڏو شهر سسيميوٽ جيڪو نوڪ کان اتر طرف 320 ڪلوميٽر (200 mi) جي فاصلي تي واقع آهي. جاندارن جي تحفظ لاء گرين لينڊ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو نيشنل پارڪ نارٿ ايسٽ گرين لينڊ نيشنل پارڪ واقع آهي جيڪو 1974ع ۾ قائم ٿيو ۽ 1988 ۾ وڌائي موجوده ايراضي 972٬001 ڪلوميٽرزچورس (375٬292 sq mi) تي آندو ويو.
گرين لينڊ Kalaallit Nunaat (Greenlandic) | |||
---|---|---|---|
ڊينمارڪ جي بادشاھت ۾ خوداختيار علائقو | |||
| |||
ترانو : "تون اسان جي قديم سرزمين" | |||
گرين لينڊڪ ترانو: تمام وڏي سرزمين | |||
![]() گرين لينڊ جو مقام | |||
![]() مڪانيت گرين لينڊ (ڳاڙهو) نقشو ڊينمارڪ جي بادشاھت (ڳاڙهو ۽ ھلڪو بادامي) | |||
خودمختيار رياست | ڊينمارڪ جي بادشاھت | ||
ناروي جي يونين | 1262 | ||
ڊينش نارويجن نئين نوآبادڪاري | 1721 | ||
ڊينمارڪ جي علحدگي | 14 جنوري 1814 | ||
گھرو راڄ | 1 مئي 1979 | ||
وڌيڪ خوداختياري ۽ پنھنجي حاڪميت | 21 جون 2009[1] | ||
گادي جو هنڌ | نوڪ 64°10′N 51°44′W | ||
سڀ کان وڏوشھر | گادي جو هنڌ | ||
سرڪاري ٻوليون | گرين لينڊڪ | ||
نسلي
گروھَ (2018) |
اصل رھاڪو:[2]
بعد جا آيل:
| ||
مذھب | عيسائيت (گرين لينڊ جي ڪليسا) | ||
آبادي جو نالو |
| ||
حڪومت | پارليامينٽري آئيني بادشاهت ھيٺ منتقل حڪومت | ||
• شاھي حڪمران |
مارگريٽ ٻين | ||
• ھاء ڪمشنر |
ميڪائيلا اينجيل | ||
• وزيراعظم |
ڪم ڪئيلسن | ||
• اِنَٽسِسئَرٽُٽ جو اسپيڪر |
ويويئن موٽزفيلڊٽ | ||
قانونساز ادارو | اِنَٽسِسئَرٽُٽ | ||
پکيڙ | |||
• ڪل |
2٬166٬086 km2 (836٬330 sq mi) | ||
• پاڻي (%) |
83.1 [3] |