![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/0/08/Garuda_by_Hyougushi_in_Delhi.jpg/640px-Garuda_by_Hyougushi_in_Delhi.jpg&w=640&q=50)
گروڙا
هندوازم، ٻڌازم، ۽ جينزم ۾ هڪ بازپکي-جهڙو خدائي پکي / From Wikipedia, the free encyclopedia
گروڙا، گرود يا گارود(انگريزي: Garuda ) ھندو، ٻڌ ۽ جين ڏند ڪٿا جو ھڪ بازپکي-جهڙو خدائي جاندار جو نالو آهي.[1][2][3] اھو وشنو جي سواري سمجھيو ويو.[2][3][4] ان کي پکين جو بادشاھ ۽ سرڻ جي شڪل وانگر سمجھيو ويندو ھو[5][6] اھو يا تہ حيواني شڪل وارو وڏو پکي ٿورن کليل پرن وارو ڏيکاريو ويو يا وري انساني روپ وارو ھڪ مرد پرن ۽ پکين جي مھانڊن وانگر ڏيکاريو ويو. اھو عام طور تي ھڪ محافظ سمجھيو ويندو ھو جيڪو وڏي تيزي سان ھلندو ھيو ۽ نانگ جو ويري ھيو .[1][6] .[7] گرود انڊيا، ميانمار، ٿائيلينڊ، ڪولمبيا ۽ انڊونيشيا جو رياستي نشان آهي. انڊونيشيا ۾ ان جي نشان کي گرود پينڪيسيلا سڏبو آهي. انڊين ايئرفورس جو نشان پڻ گرود آھي. ان جي ھڪ اسپيشل آپريشن يونٽ جو نالو گرود ڪمانڊو فورس آھي. [8]
ترت ڄاڻ گرود, سنسڪرت ۾ ...
گرود | |
---|---|
وشنو جي سواري | |
![]() نئين دھلي جي نيشنل ميوزيم ۾ گرودا جو مجسمو | |
سنسڪرت ۾ | Garuḍa |
اشريڪ |
|
ماءُپيءُ | ڪيشياپ وناتا |
ڀاء ڀيڻ | ارونا |
بند ڪريو