جين ڌرم
مذھب / From Wikipedia, the free encyclopedia
جين ڌرم هندستان ۾ هندو ڌرم جي رد عمل ۾ جيڪي ٻه تحريڪون وجود ۾ آيون، سي ٻڌمت ۽ جين مت جون تحريڪون هيون. ٻُڌ ۽ جين تحريڪن اڳتي هلي، ٻن جُدا جُدا ڌرمن جي صورت اختيار ڪئي، يعني: ٻُڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وجود ۾ آيا. جين ڌرم جي تحريڪ، ٻڌ ڌرم جي همعصر تحريڪ آهي، پر اُها ٻڌ ڌرم جي تحريڪ کان ٽيهه سال پوءِ شروع ٿي. ٻڌ ڌرم هندستان کانسواءِ ٻين ملڪن، جهڙوڪ: چين، جپان، ٿائلينڊ، ٿٻيٽ (Tibet)، برما وغيره ۾ به پکڙيو. جين ڌرم هند سان گڏ سنڌ جي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو. سنڌ ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ، سڀ کان وڌيڪ ٿر واري علائقي ۾ ملن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ڌرم ٿر ۾ وڌيڪ ڦهليو آهي. ٿر ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ اڄ به سلامت آهن. پر انهن جو احوال ڏيڻ کان اڳ، جين ڌرم جو تعارف ڏجي ٿو.