ڪروموسوم
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪروموسوم یا لونجسمیو (انگريزي: Chromosome ) ڌاڳي نما بناوٽ جو نالو آهي جيڪو گھرڙي جي مرڪز ۾ موجود ھوندو آھي جنھن ۾ ڊي اين اي. سوڙھ سان سمايل ھوندو آھي. ڊي اين اي جي ٻاھران پروٽين ويڙھيل ھوندي آھي جنھن کي ھسٽون (Histones) چوندا آهن جيڪي کيس بناوٽ ۾ ڪم ايندا آهن. ڪروموسوم ڊي اين اي جي نقل ٺھڻ ۽ جيو گھرڙي جي ورھاست ۾ مددگار ھوندا آھن. ھر ڪروموسوم جو ھڪ سينٽروميئر ھوندو آھي جيڪو کيس ٻن حصن ۾ ورھائيندو آهي[1]. ڪروموسوم خوردبيني تي نظر ايندڙ جيو گھرڙي جي مرڪز ۾ ڌاڳي نما ھڪ حصو ھوندو آھي جيڪو جينز جي صورت ۾ وراثتي ڄاڻ رکندو آهي[2]. ٻوٽن ۽ جانورن ۾ موجود جيو گھرڙي ۾ ڊي اين اي ڪروموسوم جي اندر سوڙھائپ سان ماپيل ھوندو آھي پر بيڪٽيريا ۾ وري ان جي ابتڙ گھرڙي جي چوڌاري ترندو رھندو آھي[3]. ھڪ ڊي اين اي جي پوري ڊيگھ پروٽين جي ويڙھن ۾ جڪڙيل ھوندي آھي جنھن کي ھسٽون چون ٿا جيڪي نيوڪلوسوم ٺاھن ٿا. اھي نيوڪلوسوم سوڙھائپ سان ويڙھجي ڪروميٽن ڇيڙا ٺاھين ٿا. ڪروميٽن ڇيڙا پاڻ ۾ ويڙھجي ھڪ ڪروموسوم ٺاھن ٿا. ھر ڪروموسوم کي ٻہ ننڍڙيون ۽ ٻہ ڊگھيون ٻاھون ٿين ٿيون جن مان ننڍڙين ٻانھن کي پي (p) ٻانھون ۽ ڊگھين ٻانھن کي ڪيو(q) ٻانھون سڏيو ويندو آهي. ۽ سينٽروميئر ڪروموسوم کي مرڪز تي جھلي بيھندو آهي[3].