يوڪيريئوٽا
From Wikipedia, the free encyclopedia
يوڪيريئوٽس (انگريزي: Eukaryotes) اھڙن جاندارن جو نالو آھي جنھن جي جيو گھرڙي کي جھلي ۾ ويڙھيل مرڪز (انگريزي: cell nucleus) ھوندو آھي. جڏھن تہ بئڪٽيريا ۽ آرڪائيا کي مرڪز ڪانہ ٿيندو آهي. [3] [4][5]يوڪيريئوٽس جو تعلق يوڪيريئوٽا يا يوڪيريا سان آھي. لفظ يوڪيريئوٽا يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي: εὖ (یو: معني چڱو يا سچو) ء κάρυον (ڪيريون: معني گورو).
يوڪيريئوٽس Temporal range: اوروسيريئن -اڃان تائين موجود - سانچو:ھڪ ڊگھي دؤر وارو پنڊپھڻ | |
---|---|
يوڪيريئوٽس ء ان جي قسمن جا مثال- ڪلاڪ وائيز مٿان کان کاٻي پاسي:ڳاڙھي رازي ماکي جي مک، بوليٽس ايڊيولسچمپنيزي آئسوٽرائيڪا انٽيسٽنلس
, فارسي مکڻو ڪوپ ۽والواڪس ڪارٽيري | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | يوڪيريئوٽا |
ڪنگڊمز آف يوڪيريئوٽا[1] يا سپر گروپ | |
يوڪيريئوٽڪ جاندارن مان جيڪي جانورن ، ٻوٽن ۽ فنگاء جي ڪنگڊمن يا تقسيمن ۾ شامل ڪري سگھڻ جھڙا نہ ھوندا آھن تہ کين پروٽيسٽا جي ڪنگڊم م رکيو ويندو آهي | |
يوڪيريئوٽڪ جاندارن جي جيو گھرڙن جا عضو جھلين (انگريزي: membrane) ۾ ویڙھيل ھوندا آھن. ڪجهه ٻوٽن ۽ الجاء جي جيو گھرڙن ۾ ڪلوروپلاسٽ پڻ ھوندو آھي. انھن جي جھلي دار نظام کي اينڊو ميمبرين سڏيو ويندو آهي.[6] گھرڙن جو مرڪز ٻٽي جھلي ۾ ويڙھيل ھوندو آھي جنھن کي نيوڪلس ميمبرين يا نيوڪلس جو لفافو بہ چوندا آھن جنھن ۾ سنھا سوراخ ھوندا آھن جن ذريعي مادا اندر داخل يا خارج ٿيندا آهن.[7] اھي بناوٽ جون خاصيتون ھڪ گھرڙيائي جاندار(انگريزي: unicellular) آرڪيئا ء بئڪٽيريا ۾ نہ ھونديون آھن. يوڪيريئوٽس گھڻ گھرڙيائي جاندار (Multicellular) ھوندا آھن ۽ انھن جا گھرڙا پاڻ ۾ ملي مختلف نمونن جا تاندورا (انگريزي: tissue) ٺاھيندا آھن. جانور ۽ ٻوٽا سڀ کان وڌيڪَ سڃاتل يوڪيريئوٽس آھن. يوڪيريئوٽس جاندارن م پيدائش جو ھڪ طريقو جنسي ميلاپ وارو ھوندو آھي جنھن کي ميئوسس (انگريزي: meiosis) جنھن ۾ ھڪ گھرڙو ورھائجي ٻن ھڪ جھڙن جينياتي بناوٽ وارن گھرڙن م تبديل ٿي ويندا آهن. پيدائش جو ٻيو طريقو وري جنسي ميلاپ کان سواءِ ٿيندو آهي جنھن کي مٽوسس (انگريزي: mitosis) چوندا آهن جنھن م ڊي اين اي جو پيدائشي عمل (انگريزي: DNA replication) گھرڙي جي تقسيم جي ٻن ڦيرن سان چار ھیپلائڊ (انگريزي: haploid daughter cells) پيدا ڪندا آهن جيڪي جنسي گھرڙن يا گميٽ (انگريزي: gamete) وارو ڪم ڪندا آھن. انھن مان ھر گميٽ کي ڪروموسومز جو ھڪ سيٽ ھوندو آھي. [8]دنيا جي ننڍن جاندارن جون سموريون برادريون ھن حياتياتي دائري سان تعلق رکن ٿيون.[9] يوڪيريئوٽا جاندارن جي شروعات 1.6 ارب سال کان 2.1 ارب سالن واري دؤر ۾ ٿي جنھن کي پروٽيروزائڪ دؤر(انگريزي: Proterozoic eon) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
مٽوڪونڊرين سواءِ ھڪ قسم جي جملي سڀني يوڪيريئوٽا جي گھرڙن جو ھڪ ننڍڙو جزو يا عضوو آھي.رڳو ھڪ يوڪيريئوٽا، جنھن جو نالو مونوسيرڪامنائڊز (انگريزي: Monocercomonoides) آھي، اھو عضوو وڃائي ڇڏيو آهي.[10]مٽوڪونڊريا گھرڙي اندر کنڊ کي ايڊينوسائن ٽراء فاسفيٽ ۾ تبديل ڪري يوڪيريئوٽڪ گھرڙي کي توانائي فراھم ڪندو آهي .[11]مٽوڪونڊريا م پنھنجو الڳ قسم جو ڊي اين اي(انگريزي: DNA), ٿئي ٿو جيڪو بناوٽ ۾ بئڪٽيريا جي ڊي اين اي وانگر ھوندو آھي جيڪو rRNA ۽ tRNA جينز کي پنھنجي ضابطي ۾ رکندو آهي ۽ آر اين اي(انگريزي: RNA) کي پيدا ڪندو آھي, جنھن جي مشابهت يوڪيريئوٽا جي ڀيٽ ۾ بئڪٽيريا جي آر اين اي (انگريزي: RNA) سان وڌيڪ ھوندي آھي. [12]