ڏيپلو تعلقو
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڏيپلو تعلقو (اُچار: ڏِيپلو تالُڪو) (انگريزي: Taluka Deeplo )پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام ڏيپلو شھر آھي۔ ڏيپو ميگھواڙ جو اڏيل شھر "ڏيپلو"۔
ڏيپو ميگھواڙ جنهن جي نالي ٿر جو علم ادب جو شاھڪار شھر ڏيپلو مشهور آهي اھو ڏيپي ميگھواڙ ارڙھين صديء جي شروعات ڌاري آباد ڪيو۔
ڏيپلو | |
---|---|
تعلقو | |
تعلقه ڏيپلو | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°28′N 69°34′E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٿرپارڪر ضلعو |
يونين ڪاؤنسلون | 8 |
ڏيپو ميگھواڙن جي 'واڻيا' نک جي ميگھواڙن مان ھو؛ جنهن جي نسل جا پوين جا وڏا ڳوٺ تعلقي جا ڳوٺ ڏيڙو، ڏاڀڙي، لسيو، اونھريو، واڇرا ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ آهن۔ ڏيپي ميگھواڙ جو گھر ھاڻوڪي شھر جي وچ ۾ مرحوم حاجي رمضان ميمڻ جي ڪوٺي جي ڀرپاسي ۾ ھو جو أتي پير پٿوري جو ٿان (مندر) اڄ به موجود آهي، جو ميگھواڙ ڄاتي جو پير ۽ اعتقاد جي نشاني آهي۔ ياد رهي ميگھواڙ جاتي شروع کان وٺي مورتي ۽ مندر جي پوڄا نه ڪندي ھئي صرف پير پٿوري جي بغير ديوار جي ڍنگھرن جي واڙ جو ٿان ٺاهي پوڄا ڪندا ھئا۔ڏيپي ميگھواڙ جون ڇھ ست ٻنيون ھونديون ھيون جن ۾ کنڀو جيڪو ھينئر مال جو وٿاڻ آهي ۽ ھاڻوڪي سول اسپتال جا سال 1971ع تائين واڙي مرحوم الڏنو بجير پوکيندو ھو۔ ونگڙيو بني ۽ ھاڻوڪي رينجرس چوڪي کان سواء ٻيون ڀر پاسي واريون ٻنيون ڏيپي ميگھواڙ جون ھيون جيڪي اولڊ روينيو رڪارڊ مان معلوم ٿي سگهن ٿيون۔ ڏيپو ٻني ٻاري سان گڏ کلون، چمڙو، ھڏا، کونئر، گوگر، ڏاس، أن ۽ نج گيھ سوديندو ھو ۽ أھي گيھ جا تاڪيا ۽ ٻيو سامان أٺن جي قطار جي صورت ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ موڪليندو ھو جتان جا واپاري بمبئي بندرگاھ رستي ڏيساور موڪليندا ھئا۔