ٿرپارڪر ضلعو
سنڌ جو ضلعو جنھن جو صدر مقام مٺي شھر ۾ آهي / From Wikipedia, the free encyclopedia
ٿرپارڪر ضلعو:(انگريزي: Tharparkar District ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ميرپورخاص ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام مِٺي شهر آهي. ٿرپارڪر نالي سان ڪو شھر ڪانھي پر اھو ٻن علائقن : ٿر ۽ پارڪر جو نالو آهي جيڪو ھن ضلعي تي رکيو ويو. شروع م ميرپورخاص ھن ضلعي جو تعلقو ۽ ضلعي صدر مقام ھيو پر ان جي ڌار ٿيڻ بعد ھن ضلعي جو صدر مقام مٺي کي بڻايو ويو.
ترت ڄاڻ ٿرپارڪر, ملڪ ...
ٿرپارڪر | |
---|---|
ضلعو | |
ٿرپارڪر ضلعو ۽ ان جا تعلقا | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°42′N 69°43′E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | ميرپور خاص ڊويزن |
ضلعي صدر مقام | مٺي شھر |
تعلقا | 4 |
پکيڙ | |
• ڪل | 19,638 ڪ.م2 (7,582 ميل2) |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 1,649,661 |
تڪ
صوبائي اسيمبلي پي ايس-54-ٿرپارڪر-I - عبدالرزاق راھمون پي ايس 55 ٿرپارڪر-II - محمد قاسم سومرو پي ايس 56 ٿرپارڪر-III - فقير شير محمد بلالاڻي پي ايس 57 ٿرپارڪر-IV - ارباب لطف الله قومي اسيمبلي اين اي-221 ٿرپارڪر-I - پير نورمحمد شاھ جيلاني اين اي-222 ٿرپارڪر-II - مھيش ڪمار مالاڻي |
بند ڪريو
ھي ضلعو پکيڙ ۾ سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي[1][2] سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪَ ھندو آبادي ھن صوبي ۾ رھندڙ آھي[3][4][5] ھي ضلعو سنڌ جي انساني ترقي جي اشاريي جي گھٽ ترين شرح وارو ضلعو آهي.