From Wikipedia, the free encyclopedia
يوڪرين (انگريزي: Ukraine ) [4] اوڀر يورپ ۾ واقع ھڪ خودمختيار ملڪ جو نالو آهي[5] جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان يورپ ۾ روس کان پوءِ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جون سرحدون اوڀر ۽ اتر-اوڀر ۾ روس سان، اتر ۾ بيلاروس سان، اولھ ۾ پولينڊ، سلوواڪيا ۽ ھنگري سان، ڏکڻ ۾ رومانيا ۽ مالدووا سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ ملڪ جي سامونڊي سرحد ڪاري سمنڊ ۽ ازوف سمنڊ تي واقع آهي. 2014ع ۾ روس ڪرائميا جي اپٻيٽ کي پنھنجي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنھن تي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ سرحدي تڪرار جي شروعات ٿي [6] بين الاقوامي برادري جي اڪثريت ڪرائميا کي يوڪرين جو حصو تسليم ڪري ٿي. ڪرائميا سميت يوڪرين جي ڪل پکيڙ 603٬628 km2 (233٬062 sq mi) آھي[7]. ملڪ جي ڪل آبادي 2013 ۾ 4،45،73،205 ھئي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر خيو آھي. يوڪرين پھرين نومبر 1918 ۾ سويت سوشلسٽ ريپبلڪ ٿيو ۽ 22 جنوري 1919 ۾ سوويت يونين ۾ شامل ٿي ويو. 24 آگسٽ 1991 تي يوڪرين جي سوشلسٽ ريپبلڪ واري پارليامينٽ سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو جنھن بعد پھرين ڊسمبر تي ريفرنڊم ذريعي يوڪرين جي عوام آزادي جي حق ۾ راء ڏني. آزادي ماڻن بعد يوڪرين جو آئين 28 جون 1996 ۾ نافذ ڪيو ويو جنھن تحت يوڪرين ھڪ وحداني رياست آھي جنھن ۾ نيم صدارتي نظام قائم ٿيل آهي.
يوڪرين Ukraine | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: Shche ne vmerla Ukraina "يوڪرين اڃان قائم آھي" | |||||
مڪانيت يوڪرين (سائو) نقشو يورپ جو رنگ (تيز خاڪي) – [Legend] | |||||
گادي جو هنڌ | خيو 50°27′N 30°30′E | ||||
دفتري ٻوليون | يوڪريني | ||||
تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | |||||
نسلي گروھ (2001[2]) |
| ||||
مقامي آبادي | يوڪريني | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
ولاديمير زلينسڪي | ||||
• وزيراعظم |
ڊينس شمايل | ||||
• پارليامينٽ جو چيئرمين |
دميترو ڙازمڪوف | ||||
مقننه | ورخاونا رادا | ||||
قيام | |||||
• خيويائي روس |
882 | ||||
• گاليشيا والھنيا واري بادشاھت |
1199 | ||||
• ڪازڪ ھيٽمنيٽ |
17 آگسٽ 1649 | ||||
• يوڪريني قومي ريپبلڪ |
7 نومبر 1917 | ||||
• اولھ يوڪريني قومي ريپبلڪ |
1 نومبر 1918 | ||||
• يوڪريني سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ |
10 مارچ 1919 | ||||
• عوامي جمهوريه يوڪرائين |
20 نومبر 1917 | ||||
• روس کان آزادي |
20 جنوري 2018 | ||||
• عوامي جمهوريه اولھ يوڪرين |
1 نومبر 2018 | ||||
• سوويت يونين ۾ شموليت |
22 جنوري 1919 | ||||
• آزادي جو اعلان |
24 آگسٽ 1991 | ||||
• آزادي لاء ريفرينڊم |
1 ڊسمبر 1991 | ||||
• موجوده آئين |
28 جون 1996 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
603٬628 km2 (233٬062 sq mi) (46th) | ||||
• پاڻي (%) |
7 | ||||
آبادي | |||||
• 2013 اندازو |
44,573,205 (29t) | ||||
• 2001 مردم شماري |
48,457,102 | ||||
• گھاٽائي |
73.8 /km2 (191.1 /sq mi) (115t) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2013 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$337.360 ارب ڊالر[3] | ||||
• في سيڪڙو |
$7,422[3] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2013 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$175.527 ارب ڊالر[3] |
ملڪ جي %77.8 آبادي يوڪريني نسل وارن ماڻھن جي آھي. ٻئي نمبر تي %17.3 آبادي روسي نسل وارن، %0.8 روماني ۽ مالدوون، %0.6 بيلاروسي جي آهي ۽ باقي ٻين ۾ بلغاريائي، ھنگيري، ڪرائميائي تاتار ۽ ٻيا شامل آهن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي يوڪريني ٻولي آهي. آبادي جي غائب اڪثريت عيسائيت سان تعلق رکندڙ آهي. 2021ع ۾ %82 آبادي عيسائين جي ھئي جنھن م %72.7 آرٿوڊڪس، %8.8 يوناني ڪيٿولڪ چرچ، %2.3 پروٽيسٽنٽ سان تعلق رکندڙ ھيا. %0.2 سيڪڙو آبادي ۾ يھودي، مسلمان ۽ ھندو شامل ھيا. ملڪ جي %7 آبادي ملحدن جي آھي.
ملڪ 27 حصن تي مشتمل آهي جنھن ۾ 24 اوبلاسٽ (صوبا)، ھڪ آٽونامس ريپبلڪ (ڪرائميا واري) ۽ ٻہ مخصوص درجي وارا شھر: خيو ۽ سيواستوپول شامل آهن. ملڪ جا 24 صوبا يا اوبلاسٽ ۽ ڪرائميا واري ريپبلڪ 136 رائيون (ضلعن) ۽ ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھن.
اوبلاسٽ يا صوبن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:
فيبروري 2014 ۾ يانوڪوويچ جي ٻاھر ٿيڻ سان روسي صدر ولاديمير پيوٽن ڪرائميا کي روس سان ڳنڍڻ جي تياري ڪئي. 23 فيبروري تي سيواستوپول ۾ روسي بحري فوج جي اڏي وارن روسي فوجين کي حڪم ڏنو ويو تہ يوڪريني فوج کي غير مسلح ڪري خطي جو ڪنٽرول پنھنجي ھٿ ۾ وٺن. جنھن بعد 16 مارچ 2014 تي ڪرائميا ۾ تڪراري ريفرنڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ 97 سيڪڙو ووٽرن روس ۾ شامل ٿيڻ جي حمايت ڪئي. 18 مارچ 2014 تي خود ساخته ريپبلڪ آف ڪرائميا ۽ سيواستوپول روس ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ان ريفرنڊم کي ناجائز قرار ڏيڻ جي قرارداد منظور ڪئي جنھن تحت يوڪرين جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪئي وئي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.