From Wikipedia, the free encyclopedia
ولنيئس (Vilnius)، اڳ ۾ انگريزيءَ ۾ "ولنا" (Vilna) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، ليٿوانيا جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي، ۽ بالٽڪ رياستن ۾ ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي. جنوري، 2024ع اندازي مطابق، ولنيئس جي آبادي 6,02,430 هئي، ۽ ولنيئس شهري علائقو جيڪو شهر جي حدن کان ٻاهر پکڙيل آهي ان جي اندازي مطابق آبادي 7,08,627 آهي.[8]
ولنيئس Vilnius | |||||
---|---|---|---|---|---|
گاديء وارو شھر | |||||
سانچو:Multiple images | |||||
| |||||
عرفيت: لتھوانیا جو یروشلم[1] Rome of the North,[2] Athens of the North,[3] New Babylon,[4] City of Palemon[5] | |||||
نعرو: Unitas, Justitia, Spes (Latin: اتحاد، انصاف، امید) | |||||
ولنيئس جو نقشو | |||||
ملک | لٿوينيا | ||||
کاونٹی | ولنيئس کاونٹی | ||||
میونسپلٹی | ولنيئس شھر جی میونسپلٹی | ||||
گاديء | لتھوانیا | ||||
پھریون حوالو | 1323ع | ||||
شھری حیثیت | 1387ع | ||||
ایلڈرشپ | List
| ||||
حڪومت | |||||
• قسم | مئیر۔کونسل گورنمینٹ | ||||
• مجلس | ولنيئس شھر جی کاونسل | ||||
• مئیر | والڈاس بینکنسکاس | ||||
پکيڙ | |||||
• گاديء وارو شھر | 401 ڪ.م2 (155 ميل2) | ||||
• شھري | 350 ڪ.م2 (140 ميل2) | ||||
• ميٽرو | 9,730 ڪ.م2 (3,760 ميل2) | ||||
بلندي | 112 ميل (367 ft) | ||||
آبادي (1 جنوري، 2024ع)[6] | |||||
• گاديء وارو شھر | 6,02,430 | ||||
سرڪاري نالو | Historic Centre of Vilnius | ||||
قسم | Cultural | ||||
معيار | ii, iv | ||||
عهدو | 1994 (18th session) | ||||
حوالا نمبر. | [7] | ||||
UNESCO region | Europe |
ولنيئس پنهنجي پراڻي شهر جي فن تعمير لاءِ قابل ذڪر آهي، جيڪو يورپ جي سڀ کان وڏي ۽ بهترين محفوظ ڪيل پراڻي شهرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. ولنيئس کي سال 1994ع ۾ يونيسڪو عالمي ورثو قرار ڏنو ويو.[9] [10] [11] [12] آرڪيٽيڪچرل اسلوب جنهن کي ولنيئن باروڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان شهر جي نالي تي رکيو ويو آهي، جيڪو اوڀر وارو باروڪ شهر آهي ۽ الپس جبل جي سڀ کان وڏي اتر ۾ آهي.[13] [14]
هي شهر اڳ ۾ ئي پولش۔لٿوانين دولت مشترڪه جي زماني ۾ ان جي گهڻ ثقافتي آبادي لاءِ مشهور هو، هم عصر ذريعن سان ان جو مقابلو بابل شھر سان ڪيو ويو آهي. ٻي عالمي جنگ ۽ هولوڪاسٽ کان اڳ، ولنيئس يورپ ۾ يهودين جي اهم مرڪزن مان هڪ هو. ان جي يھودين جي اثر سبب ان جو نالو "لٿوانيا جو يروشلم“ رکيو ويو. نيپولين ان کي ”اتر جو يروشلم“ سڏيو، جيئن هو 1812ع ۾ اتان گذريو.[15]
سال 2009ع ۾، ولنيئس، آسٽريا جی شھر لينز سان گڏ، يورپ جي ثقافت جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڈنو ویو.[16] سال 2021ع ۾، ولنيئس کي fDi جي مستقبل جي 25 عالمي شهرن مان هڪ رکيو ويو.[17] ولنيئس کي دنيا جي وڏن مالي مرڪزن مان، عالمي سطح تي 76هين ۽ يورپ ۾ 29هين نمبر تي، گلوبل مالي مرڪز انڊيڪس جي مطابق، مان هڪ سمجهيو ويندو آهي.[18] سال 2023ع ۾، ولنيئس سال 2023ع نيٽو اجلاس جي ميزباني ڪئي. ولنیئس یوروشھرن (Eurocities)[19] ۽ يونين آف ڪيپيٽلز آف يورپي يونين (UCEU) جو ميمبر آهي.[20]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.