يونيسڪو طرفان خاص ثقافتي يا جسماني اهميت جي لحاظ سان درج ٿيل ماڳ (جڳهہ, ٺڪاڻو) From Wikipedia, the free encyclopedia
"عالمي ورثو ٺڪاڻو" اھڙيون جڳھون (جھنگ، جبل، ڍنڍ، ريگستان، يادگار، عمارت يا شھر) کي چيو ويندو آھِي جنھن کي بين الاقوامي عالمي ثقافتي ورثو پروگرام جي تحت گڏيل قومن جو تعليمي سائنسي ۽ ثقافتي ادارو (يونيسڪو) جي عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي مرتب ڪيل فهرست جي لاءِ نامزد يا ان ۾ شامل ڪيو ويو ھجي۔ هي منصوبو ثقافتي يا قدرتي اهميت جي حامل جڳھن جي فھرست مرتب ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو آھي۔ مختلف شرطن جي تحت مندرج جڳھن کي عالمي ورثو فنڊ مان رقمون فراھم ڪيون وينديون آھن۔ ھي منصوبو "عالمي ثقافتي ۽ قدرتي ورثي جي حفاظت جي حوالي سان ميثاق" جي ذريعي شروع ٿيو جنھن کي يونيسڪو جي مجلس عمومي 16 نومبر 1972ء تي اختيار ڪيو۔ ان وقت کان 184 ملڪ (بمطابق جولاءِ 2007ء) هن ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪا آھن۔ 2007ء جي مطابق 142 ملڪن جون 851 جڳھون ھن فھرست ۾ شامل آھن جن ۾ 660 ثقافتي، 166 قدرتي ۽ 25 مخلوط خصوصيتن جون حامل آھن۔ هر عالمي ورثي جي حامل جڳھ ان ملڪ جي ملڪيت آھي جتي اھو واقع آھي پر مستقبل ۾ بني نوع انسان جي لاءِ انکي محفوظ رکڻ عالمي برادري جي ذميداري آھي مختلف خطن ۾ واقع جڳھن جون خصوصيتون هيٺ ڏنل آهن:
1954 ۾، مصر جي حڪومت نئون اسوان هاءِ ڊيم (بند) کي اڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مستقبل جو تلاءُ(حوض) به آخرڪار آڳاٽي مصر ۽ آڳاٽي نوبيا جي ثقافتي خزانن تي سموهيل وادي نيل جي هڪ وڏي حصي واري پکيڙ کي ٻوڙي ڇڌي ها.
آمريڪا فطرت جي تحفظ سميت ثقافتي بچاءَ جو وِيچار شروع ڪيو.
عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي فهرست ۾ شامل جڳھن ۾ انتظامي معاملن تي غور جي حوالي سان سال ۾ متعدد ڀيرا اجلاس منعقد ڪندي آهي پر World Heritage Committee Session نالي اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي جنھن ۾ مختلف جڳھن کي عالمي ثقافتي ورثو فھرست ۾ شامل ڪيو ويندو آھي۔ ساليانو اجلاس دنيا جي مختلف شھرن ۾ منعقد ٿيندو آھي۔ پيرس (فرانس) ، جتي يونيسڪو جا صدر دفتر واقع آھڻ ، کان علاوه ھي اجلاس صرف عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي رڪن ملڪن ۾ ئي منعقد ٿي سگھي ٿو جنھن جي لاءِ انھن کي ڪميٽي جي منظوري درڪار ھوندي آهي۔
اجلاس | سال | تاريخ | ميزبان شھر | ملڪ |
---|---|---|---|---|
1 | 1977 | 27 جون کان پھرين جولاءِ | پيرس | ![]() |
2 | 1978 | 5 کان 8 سيپٽمبر | واشنگٽن ڊي سي | ![]() |
3 | 1979 | 22 کان 26 آڪٽوبر | قاھره ۽ لگزور | ![]() |
4 | 1980 | پھرين کان 5 سيپٽمبر | پيرس | ![]() |
5 | 1981 | 26 کان 30 آڪٽوبر | سڊني | ![]() |
6 | 1982 | 13 کان 17 ڊسمبر | پيرس | ![]() |
7 | 1983 | 5 کان 9 ڊسمبر | فلورنس | ![]() |
8 | 1984 | 29 آڪٽوبر کان 2 نومبر | بيونس آئرس | ![]() |
9 | 1985 | 2 کان 6 ڊسمبر | پيرس | ![]() |
10 | 1986 | 24 کان 28 نومبر | پيرس | ![]() |
11 | 1987 | 7 کان 11 ڊسمبر | پيرس | ![]() |
12 | 1988 | 5 کان 9 ڊسمبر | براسيليا | ![]() |
13 | 1989 | 11 کان 15 ڊسمبر | پيرس | ![]() |
14 | 1990 | 7 کان 12 ڊسمبر | بانف | ![]() |
15 | 1991 | 9 کان 13 ڊسمبر | ڪارٿيج | ![]() |
16 | 1992 | 7 کان 14 ڊسمبر | سانتا في | ![]() |
17 | 1993 | 6 کان 11 ڊسمبر | ڪارٽينا | ![]() |
18 | 1994 | 12 کان 17 ڊسمبر | فوڪٽ | ![]() |
19 | 1995 | 4 کان 9 ڊسمبر | برلن | ![]() |
20 | 1996 | 2 کان 7 ڊسمبر | مريدا | ![]() |
21 | 1997 | پھرين کان 6 ڊسمبر | نيپلز | ![]() |
22 | 1998 | 30 نومبر کان 5 ڊسمبر | ڪيوٽو | ![]() |
23 | 1999 | 29 نومبر کان 5 ڊسمبر | مراڪش شھر | ![]() |
24 | 2000 | 27 نومبر کان 2 ڊسمبر | ڪيرنز | ![]() |
25 | 2001 | 11 کان 16 ڊسمبر | ھيلسنڪي | ![]() |
26 | 2002 | 24 کان 29 جون | بڊاپسٽ | ![]() |
27 | 2003 | 30 جون کان 5 جولاءِ | پيرس | ![]() |
28 | 2004 | 28 جون کان 7 جولاءِ | سوزو | ![]() |
29 | 2005 | 10 کان 17 جولاءِ | ڊربن | ![]() |
30 | 2006 | 8 کان 16 جولاءِ | ولنيئس | ![]() |
31 | 2007 | 23 جون کان پھرين جولاءِ | ڪرائسٽ چرچ | ![]() |
32 | 2008 | 2 کان 10 جولاءِ | ڪيوبڪ شھر | ![]() |
ڪنهن مُلڪ کي پهريون پنهنجي اهم ثقافتي ۽ قدرتي ماڳن تي فهرست (لسٽ) ٺاهڻي پوندي؛ نتيجو کي آزمائشي فهرست سڏيو ويندو آهي.
2004 تائين، ثقافتي ورثو لاءِ 6 معيار ۽ فطري ميراث (نيچرل هيريٽيج) جي معيار جا چار معيار هئا. 2005 ۾، ان ۾ ترميم ڪئي وئي هئي تہ هاڻي رُڳو ڏه معيارن جو هڪ سيٽُ مقرر ڪيل آهي. نامزد ٿيل ماڳ يا سائيٽن کي " نمايان عالمگير قدر" هجڻ گهرجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه معيارن منجهان ڪنهن هڪ سان پُورا لهندا هجن[1]. انهن معيارن جي ٺهڻ کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا انهن ۾ تبديلي يا / سُڌارا (ترميم) ڪيا ويا آهن.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.