![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/0/00/Middlesbrough_UK_locator_map_%25282023%2529.svg/langsd-640px-Middlesbrough_UK_locator_map_%25282023%2529.svg.png&w=640&q=50)
مڊل بورا
From Wikipedia, the free encyclopedia
مڊل بورا(انگريزي: Middlesbrough) (i/ˈmɪdəlzbrə/ MID-əlz-brə) انگلينڊ جو ھڪ صنعتي شھر آھي.[1][2]
جيڪو ٽيز ندي جي ڪناري تي نارت ايسٽ انگلينڊ جي خطيجي نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ۾ واقع آهي. ھي شھر 1830 ۾ قائم ٿيندڙ ٽيز وادي جي انتظامي خطي جو پڻ حصو آهي.[3] ھتان جي مقامي ڪائونسل ھڪ وحداني اختياري آھي جنھن کي مڊل بورا ڪائونسل سڏيندا آهن. يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي 2011 واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 138,400 آھي ۽ پسگردائيءَ وارين شھري آبادين کي ملائيدي
174,700 آھي جنھن سبب ھي شھر نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي جي ٻيون نمبر وڏو شهر آهي.[4]
ھي شھر 1889 ۾ ڪائونٽي برا (ڪائونٽي جو ضلعو) بڻيو.1968 ۾ ھن ضلعي ۾ ڪجهه ٻيا علائقا شامل ڪري ٽيز ندي جي پاسي وارو ڪائونٽي برا بڻايو ويو. 1974 ۾ ان کي ڪليولنڊ ڪائونٽي ۾ شامل ڪيو ويو. 1996 ۾ ڪليولنڊکي ختم ڪيو ويو ۽ مڊل بورا جو ضلعو يا بورا ڪائونسل جي صورت ۾ ھڪ وحداني اختياري جوڙي وئي.1996 ۾ ھن شھر کي ان جي تاريخي ڪائونٽي يعني نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ۾ شامل ڪيو ويو.
مڊل بورا Middlesbrough | |
---|---|
وحداني اختياري | |
نعرو: Erimus ("اسان ھوندا سين" in Latin). | |
![]() انگلينڊ جي نقشي ۾ نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ۾ مڊل بورا جو مقام ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ: 54.5767°N 1.2355°W / 54.5767; -1.2355 | |
خودمختيار رياست | يونائيٽيڊ ڪنگڊم |
يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو ملڪ | انگلينڊ |
خطو | نارٿ ايسٽ انگلينڊ |
رسمي ڪائونٽي | نارٿ يارڪ شائر |
بنياد | 1830 |
انتظامي صدر مقام | مڊل بورا ٽائون ھال |
حڪومت | |
• قسم | وحداني اختياري |
• انتظامي ادارو | مڊل بورا ڪائونسل |
• سربراھ | ميئر ۽ ان جي ڪابينه |
• انتظاميہ | ليبر پارٽي (يو ڪي) |
• ميئر مڊل بورا ڪائونسل جو چيئرپرس |
اينڊي پريسٽن (آزاد) ليبر پارٽي جو اسٽيفن بلانڊيل leader_title4 = 2017 واري اليڪشن جو ميمبر پارليامينٽ |
آبادي (2011 تخمينو) | |
• ڪل | 174,700 |