From Wikipedia, the free encyclopedia
نارٿ يارڪ شائر(انگريزي: North Yorkshire) انگلينڊ جي خطي يارڪ شائر ۽ ھمبر ۽ نارٿ ايسٽ انگلينڊ جي خطن ۾ واقع ھڪ ڪائونٽي جو نالو جنھن ۾ يارھن ضلعا واقع آھن.2016 ۾ ھن ڪائونٽي جي آبادي جو تخمينو 602300 ھيو ان ۾ يارڪ، مڊل بورا، اسٽاڪٽن، ۽ ريڊڪار اينڊ ڪليولنڊ شامل نہ ھيا [3]
ھي ڪائونٽي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ، 1972 تحت پھرين اپريل 1974 ۾ ٺاھي وئي.[4] ھن ڪائونٽي جي پکيڙ 8٬654 ڪلوميٽرزچورس (3٬341 sq mi) آھي ۽ اھا پکيڙ ۾ انگلينڊ جي سڀ کان وڏي ڪائونٽي آھي. ھن ڪائونٽي جي 40 سيڪڙو پکيڙ نيشنل پارڪن تي مشتمل آهي. ھن ڪائونٽي جا وڏي ۾ وڏا شھر مڊل بورا (174,700),[5] يارڪ (152,841),[6] ھروگيٽ (73,576) ۽ اسڪار بورا (61,749) آھن. ھن ڪائونٽي جي مڪاني ادارن ۾ خودمختيار وحداني اختياري واريون ڪائونسلون پڻ موجود آهن جن ۾ يارڪ شھر، مڊل بورا، ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ شامل آهن.
[7]
نارٿ يارڪ شائر | |
---|---|
ڪائونٽي | |
رياست | يونائيٽيڊ ڪنگڊم |
يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو ملڪ | انگلينڊ |
انگلينڊ جا خطا | يارڪ شائر ۽ ھمبر ۽ ٿورڙو حصو نارٿ ايسٽ انگلينڊ |
قيام جي تاريخ | 1974 |
انگلينڊ جون رسمي ڪائونٽيون | |
ھاء شيرف | مسز لنڊا فين وڪ[1] (2019–20) |
علائقو | 8٬608 km2 (3٬324 sq mi) |
شمار | 1st of 48 |
شمار | of 48 |
آبادي جي گھاٽائي | [اوزا تبديل: needs a number] |
ماڻھن جا قسم | 92.3% گورا 2.0% ڏکڻ ايشيائي 0.6% ڪارا |
ڪائونٽي ڪائونسل |
http://www.northyorks.gov.uk/ |
ايگزيڪيوٽو | |
انتظامي صدر مقام | نارٿيلرٽن[2] |
علائقو | 8٬053 km2 (3٬109 sq mi) |
شمار | 1st of 27 |
شمار | of 27 |
گھاٽائي | [اوزا تبديل: needs a number] |
ISO 3166-2 | GB-NYK |
ONS code | 36 |
NUTS | UKE22 |
Districts of نارٿ يارڪ شائر وحدانيڪائونٽي ڪائونسل | |
انگلينڊ جا ضلعا | #سيلبي
پاڙيسري ڪائونٽيون :ايسٽ رائڊنگ آف يارڪ شائر، سائوٿ يارڪ شائر، ويسٽ يارڪ شائر، لنڪاشائر، ڪمبريا ۽ ڪائونٽي درھم |
پارليامينٽ جا رڪن | *نائجل ايڊمز ڪنزرويٽو پارٽي (يو ڪي)
|
ٽائيم زون | Greenwich Mean Time (UTC) |
(روشني بچائڻ وارو ٽائيم ) | برطانيا جو اونھاري وارو ٽائيم (UTC+1) |
انگلينڊ جي ھي غير ميٽروپوليٽن ڪائونٽي جو انتظام نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ڪائونسل جي ڪابينہ ڪائونسل جي ذريعي ھلايو ويندو آهي..[8] ھن ڪائونٽي ڪائونسل جا 72 ڪائونسلر ڪائونسل جي اڳواڻ کي چونڊيندا آهن جيڪو 9 وڌيڪ ڪائونسلرن جي چونڊ ڪري ايگزيڪيوٽو ڪابينہ جوڙيندو آهي جيڪا ھن غير ميٽروپوليٽن ڪائونٽي جي باري ۾ فيصلن ڪرڻ جي مجاز ھوڻدي آهي. ڪائونٽي ڪائونسل جي آفيس نارٿيلرٽن واري ڪائونٽي ھال ۾ واقع آهي. وحداني ڪائونسلون وري ھن اداري کان خودمختيار ھونديون آھن.
ھن ڪائونٽي جي ضلعن متعلق تفصيل ھيٺ ڏنل چارٽ ۾ ڏجن ٿا.
شمار | شھر | آبادي (2011) | بورا | وضاحت | ياداشت |
---|---|---|---|---|---|
1 | يارڪ | 198,051[9] | سٽي آف يارڪ | شھر | وحداني اختياري ۾ ايندڙ علائقي جي آبادي
|
2 | مڊل بورا | 138,400[9] | مڊل بورا | بورا | وحداني اختياري رڳو مڊل بورا جي علائقي تائين سڏبي آھي وڏين شھري وسندين جي آبادي 174,700 تائين آھي |
3 | ھروگيٽ | 73,576[9] | ھروگيٽ | شھر | غير پارش وارڊن جو جھڳٽو |
4 | اسڪاربورا | 61,749[9] | اسڪاربورا | شھر | غير پارش وارڊن جو جھڳٽو |
5 | ريڊ ڪار | 37,073[9] | ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ | شھر | غير پارش وارڊن جو جھڳٽو |
6 | ٿارن بي ٽيز ندي وارو | 24,741[9] | اسٽاڪٽن ٽيز ندي وارو (ڏکڻ) | شھر | وحداني اختياري |
7 | انگلبي باروڪ | 20,378[9] | اسٽاڪٽن ٽيز ندي وارو (ڏکڻ) | شھر | وحداني اختياري |
8 | يارم ٽيز ندي وارو | 19,184[9] | اسٽاڪٽن ٽيز ندي وارو (ڏکڻ) | شھر | وحداني اختياري |
9 | سيلبي | 17,511[9] | سيلبي | شھري پارش (Civil Parish) | |
10 | گسبرا | 16,979[9] | ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ | شھر | وحداني اختياري |
11 | نارٿيلرٽن | 16,832[9] | ھيمبلٽن | شھري پارش | ڪائونٽي وارو شھر |
12 | رپان | 16,363[9] | ھروگيٽ | شھريپارش | شھر |
13 | نيرسبرا | 15,484[9] | ھروگيٽ | شھري پارش | |
14 | اسڪپٽن | 14,623[9] | ڪري ون | شھري پارش | |
15 | وھٽبي | 13,213[9] | اسڪاربورا | شھري پارش | |
16 | رچمنڊ | 8,413[9] | رچمنڊ شائر | شھري پارش | |
17 | نورٽن | 7,049[9] | رائيڊيل | شھري پارش | |
18 | پڪرنگ | 6,588[9] | رائيڊيل | شھري پارش | |
19 | ٽئڊڪاسٽر | 6,480[9] | سيلبي | شھري پارش | |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.