لالو رائنڪ
From Wikipedia, the free encyclopedia
يو سي 29 لالو رائنڪ (انگريزي: U C 29 Lalu Raink ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 34,144 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ لالو رائنڪ ھڪ ننڍڙو شھر آھي جنھن جي آبادي 16,857 آھي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تونيا، پيچوھا، مغيري، ماڇي، سولنگي، وڪا، جج ، بليدي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ لالو رائنڪ، پيچوھا، ڳوٺ خير محمد وڪو، ڳوٺ ڌڱاڻو ماڇي، ڳوٺ مصري جج, بستي نوران، بستي خدامان، بستي مومنان، بستي چڪلال، ڀولا ڪوٽ، قمبر ڪوٽ، گوھر ڳوٺ ۽ ٻيا شامل آهن.
ترت ڄاڻ لالو رائنڪ يو سي 29 لالو رائنڪ, ملڪ ...
لالو رائنڪ يو سي 29 لالو رائنڪ | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
وارھ تعلقي جي يو سي 2 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°28′54″N 67°54′31″E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
ٿاڻو | لالو رائنڪ ٿاڻو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 34,144 |
بند ڪريو