![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/f4/Mountains_and_River_in_Faryab_province.jpg/640px-Mountains_and_River_in_Faryab_province.jpg&w=640&q=50)
فارياب صوبو
From Wikipedia, the free encyclopedia
فارياب صوبو: (انگريزي: Faryab) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبو آهي جيڪو ملڪ جي اترين پاسي ترڪمانستان جي سرحد تي واقع آھي ۽ ان جي آبادي اٽڪل 948,000 آھي. آبادي قبائلي نظام واري ۽ مختلف نسلي گروھن تي مشتمل آهي. صوبي جي ورھاست 15 ضلعن ۾ ٿيل آھي جن ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ڳوٺ واقع آھن. صوبي جي گادي جو هنڌ ميمنه آهي. لفظ فارياب جي معني آهي ندي جي پاڻي تي آباد ڪيل زمين. اھو نالو ايران جي ساساني بادشاھن جي دؤر ۾ اتان جي ھڪ شھر تي پيو بعد ۾ فارياب شھر تان ھي نالو ھن صوبي تي پيو. فلسفي الفارابي جو تعلق ھن علائقي سان ھيو. ھن صوبي واري علائقي کي يورپي مؤرخن افغاني ترڪستان جو نالو ڏنو. 1748 ۾ آحمد شاھ دراني ھن علائقي کي فتح ڪري پنھنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو ھو. فارياب پھرين بلخ صوبي جو حصو ھيو. 1964 ۾ ان کي بلخ کان ڌار ڪري علحده صوبو بڻايو ويو. مئي 1997 م ھي صوبو طالبان جي قبضي هيٺ آيو. 2001 م طالبان جو دور جي خاتمي بعد ھي صوبو افغانستان جو پر امن ترين صوبو رھيو آھي. ھي صوبو ڪارپيٽ ۽ گلمن جي صنعت جو مرڪز آھي.
فارياب | |
---|---|
افغانستان جو صوبو | |
![]() فارياب صوبي م ندي ۽ جبلن جو ڏيک | |
![]() افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل | |
افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ (گادي جو هنڌ): 36°15′N 64°50′E | |
ملڪ | ![]() |
گادي جو هنڌ | ميمنه |
حڪومت | |
• گورنر | نقيب الله فائق |
پکيڙ[1] | |
• ڪل | 20,797.6 ڪ.م2 (8,030.0 ميل2) |
آبادي (2012) | |
• ڪل | 948,000 |