سھرورد
From Wikipedia, the free encyclopedia
سھرورد (انگريزي: Sohrevard)[2] ايران جي صوبي زنجان جي خدابندہ شھرستان جي مرڪزي ضلعي ۾ واقع ھڪ ننڍڙو شھر جو نالو آهي جنھن جي آبادي 2006ع ۾ 5786 ھئي ۽ خاندانن جو تعداد 1356 ھيو[3]. ھي شھر ٻارھين صدي جي ايراني فلسفي شھاب الدين سھروردي [4] سميت حضرت ابوبڪر جي اولاد مان ابوانجيب سھروردي ۽ ان جي ڀائيٽي شھاب الدين ابوحفص عمر جي جنم ڀومي آهي. ھن شھر جا ماڻهو شيعه مسلمان آهن ۽ آذربايجاني ترڪ ٻولي ڳالهائيندڙ آھن. ھي شھر پھرين ھڪ ڳوٺ ھيو جنھن کي 2008ع ۾ ھڪ ٽائون جو درجو ڏنو ويو. ھن شھر ۽ ان جي پسگردائيءَ جي پکيڙ 24 چورس ڪلوميٽر آهي[5] .
ترت ڄاڻ سھرورد, ملڪ ...
سھرورد | |
---|---|
شھر | |
جاگرافي بيهڪ: 36°04′20″N 48°26′24″E | |
ملڪ | ايران |
صوبو | زنجان |
شھرستان | خدابندہ |
بخش | مرڪزي |
آبادي (2016 واري آدمشماري) | |
• ڪل | 6,991 [1] |
بند ڪريو