![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/2/28/1_jiuzhaigou_valley_wu_hua_hai_2011b.jpg/640px-1_jiuzhaigou_valley_wu_hua_hai_2011b.jpg&w=640&q=50)
سيچوان صوبو
چين جو ھڪ صوبو / From Wikipedia, the free encyclopedia
سيچوان(انگريزي: Sichuan )چيني: 四川
سليس چيني اچار: [sî.tʂʰwán] (
ٻڌو) جيڪو پھريون ژيچوان(انگريزي: Szechwan يا Szechuan) طور رومانيو ويو هو، چين عوامي جمهوريه چين جو ھڪ غير ساحلي صوبو آهي جيڪو ڏکڻ اولھ چين واري ريجن ۾ واقع آهي. ھن صوبي جو گادي جو هنڌ چينگدئو شھر آھي جيڪو ھن صوبي جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ھن صوبي جي پکيڙ 485000 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ اھو چين پکيڙ ۾ جو پنجون وڏو صوبو آھي. صوبي جو سمند جي سطح کان بلند ترين مقام گونگا جبل آھي جيڪو 7556 ميٽر اوچو آهي. صوبي جي آبادي سال 2013 ۾ 81,100,000 ھئي جيڪا 2019ع ۾ وڌي 83,750,000 ٿي وئي. ھي صوبو قديم زماني ۾ باشو نالي خطي جو حصو ھيو. چانگچنگ ميونسپلٽي ھن صوبي جو حصو ھئي جيڪا 1997ع ۾ ڌار ڪري سڌي طرح مرڪزي حڪومت جي اختيار ھيٺ آندي وئي. 1950 کان اڳ ھي صوبو شيڪانگ نالي صوبي جو حصو ھيو. چيني انقلاب بعد 1950 ۾ شيڪانگ صوبي کي ٽوڙي سيچوان صوبو ۽ تبت جي خودمختيار ريجن قائم ڪيا ويا. سيچوان جي اتر ۽ اتراولھ وارا ڪجهه حصا تبت جي خودمختيار ريجن ۾ شامل ڪيا ويا.
سيچوان Sichuan | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
چيني صوبو | ||||||||
| ||||||||
![]() نقشي ۾ سيچوان صوبو نمايان ڏيکاريل | ||||||||
جاگرافي بيهڪ: 30°08′N 102°56′E | ||||||||
ملڪ | عوامي جمهوريه چين | |||||||
گاديءَ جو هنڌ (سڀ کان وڏو شھر) |
چينگدئو | |||||||
انتظامي ورهاست | 21 پريفيڪچر، 181 ڪائونٽيون، 5011 ٽائون شپ | |||||||
حڪومت | ||||||||
• قسم | صوبائي حڪومت | |||||||
• مجلس | سيچوان صوبائي پيپلز ڪانگريس | |||||||
• ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | پينگ چنگھئا | |||||||
• صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | پينگ چنگھئا | |||||||
• گورنر | ھوانگ چيانگ | |||||||
• پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين | ڪي زونپنگ | |||||||
پکيڙ[1] | ||||||||
• ڪل | 485,000 ڪ.م2 (187,000 ميل2) | |||||||
پکيڙ ۾ درجو | پنجون وڏو صوبو | |||||||
بلند ترین پیمائش (گونگا جبل) | 7,556 ميل (24,790 ft) | |||||||
آبادي (2013)[2] | ||||||||
• ڪل | 81,100,000 | |||||||
• ڪاٿو
2019 |
83,750,000 |
سيچوان صوبو | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
![]() | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
"سيچوان" چيني ٻولي ۾ | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
چیني نالو | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
چیني | 四川 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
لغوي معنیٰ | "چار ميدان"[3] | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
تبتي نالو | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
تبتي | སི་ཁྲོན་ | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
Yi نام | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
[[Yi زبان|Yi]] | ꌧꍧ syp chuo |