سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب
هندي ننڍوکنڊ ۾ برونز ايج دوران سڀيتا / From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب(انگريزي: Indus Valley Civilization) سن 3300 کان 1700 قبل مسيح تائين قائم رھڻ واري انسان جي چند شروعاتي تھذيبن مان هڪ آهي. هي سنڌو ماٿريء جي ميدان ۾ سنڌو درياھ ۽ ان ۾ ڪرندڙ دريائن جي ڪنارن تي شروع ٿي. موهن جو دڙو ۽ ھڙپه هن جا اهم مرڪز هيا. هن تھذيب جا ماڻھو گھر پڪين سرن سان ٺاهيندا هيا. انھن وٽ ڏاند گاڏيون هيون، هو چرخي ۽ کڏي تي ڪپڙا ٺاهيندا هيا، مٽي جي ٿانون ٺاهڻ جا ماهر ھيا. هاري، لوھار، ڪنڀر ۽ مستري سنڌو ماٿري جي تھذيب جا اڏيندڙ هيا .
سنڌ جي وادي مان مراد سنڌوندي ۽ انجي معاون درياهن جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ ڪابل جي آس پاس جي ميداني علاقن کي عرف عام ۾ "سنڌ جي وادي" چيو ويندو آهي۔ سنڌ جي وادي هماليہ، قراقرم ۽ هندوڪش جي پهاڙي سلسلن کان نڪرڻ وارن درياهن سان سيراب ٿئي ٿي ۽ ان پهاڙي سلسلن جي ڏکڻ ۾ واقع آهي۔ تقريباََ پورو پاڪستان سنڌ جي وادي تي مشتمل آهي۔ زرخيز زمين، مناسب پاڻي ۽ موزون گرمي پد جي وجھ سان سنڌ جي وادي زراعت ۽ انساني رهائش جي لاءَ موزون آهي۔ ان ئي وجھ سان انسان جون ابتدائي وستيون سنڌ جي وادي ۾ آباد ٿيون جيڪي بالآخر سنڌ جي تهذيب (انگريزي: Indus valley civilization) چَورايون۔
سوٽي ڪپڙو جنھن کي انگريزي ۾ ڪاٽن چوندا آهن اهو به هنن جي ايجاد هئي. کنڊ ۽ شطرنج دنيا جي لاء هن تھذيب جا انمول تحفا آهن. سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جي دولت هزارن سالن کان ماڻھن کي پنھنجي طرف ڇڪيو آهي.
گُمان ڪيو ويندو آهي ته هندستان ۾ تمدن جو بنياد آرين 1500 قبل مسيح ۾ وِڌو هيو. ان کان پهرين هتان جا رهاڪو جھنگلي ۽ تھذيب کان نا واقف ھيا. پر بعد جي تحقيقن هن نظريي کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ هن ملڪ جي تاريخ کي ڏيڍ ھزار سال پوئتي ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي ۽ هڙپه جي آثارن جي دريافت ٿيڻ کان پوء خبر پئي ته هتان جا رهاڪو آرين جي اچڻ کان ڪافي اڳ تھذيب ۽ تمدن جا مالڪ هيا.