زراعت (Agriculture) معيشت جو اهو شعبو آهي جنهن جو تعلق زمين مان پيداوا حاصل ڪرڻ آهي، جيئن ڪپهه، ڪڻڪ، ڪمند وغيره جي پيداوار. زراعت ذريعي فصل پوکڻ لاء زمين تي کيتي ۽ چوپائي مال جي افزائش ڪئي ويندي آهي

Thumb
ڪمبائن ھارويسٽر ٽريڪٽر۽ ٽرالي سان گڏوگڏ ھلندي ڪڻڪ ڀريندي

زراعت ٻوٽا پوکڻ ۽ چوپائي مال جي افزائش جي سائنس ۽ آرٽ جو نالو آهي.[1] زراعت انساني تھذيب جي آغاز ۾ اھم ڪردار ڪيو. ان جي مدد سان کاڌن جي جنسن جي پوکي سان ملندڙ واڌو پيداوار ماڻھن جي شھرن ۾ رھڻ کي آسان بڻائي ڇڏيو. انسان اٽڪل 105000 سال اڳ ٻيلن يا جھنگ مان اناج ميڙي گھرن ۾ رکڻ جي شروعات ڪئي ۽ 11500 سال اڳ ان جي ٻجن کي پوکڻ سکيو.


نالا

زراعت کي انگريزي ۾ ايگريڪلچر چون ٿا جيڪو لاطيني ٻولي جي لفظ ايگريڪلچرا (agricultūra) مان نڪتل آهي. جيڪو اصل ۾ ٻن يوناني لفظن اگير (ager) جنھن جي معني آهي زمين۽ ڪلچرا (cultūra) جنھن جي معني آهي پوکي .[2] زمين تي پوکي انسان سان گڏ جاندارن ذريعي پڻ ٿيندي آهي.

Thumb
هڪ ڀارتي هارياڻي ٻني ۾ ڪم ڪندي

تاریخ

قديم آثارن جي ماھرن کيسڀ کان قديم زراعت جي شھادت 8000 سال قبل مسيح جي ايران، عراق ، ترڪي ۽ فلسطين ۾ ملي آھي. آبپاشي جي استعمال سان زراعت 3100 قبل مسيح ۾ دريائن وارين ميسوپوٽاميا ۽ مصر جي وادين ۾ سڀ کان پھريان شھر ٻڌجڻ جي شروعات ڪئي[3].

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.