![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/c/c3/Flag_of_Sindh.svg/langsd-640px-Flag_of_Sindh.svg.png&w=640&q=50)
سنڌ جو وڏو وزير
سنڌ صوبي جو سرواڻ / From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڌ جو وڏو وزير (انگريزي: Chief Minister of Sindh)، سنڌ صوبي جو چونڊيل نمائيندو ۽ صوبائي حڪومت جو سربراھہ ھوندو آھي، جنھن جي چونڊ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ڪندي آھي. 26 فيبروري 2024ع کان سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهہ آھي.
ترت ڄاڻ وڏو وزير سنڌ, تعظيمي لقبَ ...
وڏو وزير سنڌ
| |
---|---|
![]() سنڌ جو صوبائي جھنڊو | |
![]() سنڌ حڪومت جو نشان سنڌ حڪومت | |
تعظيمي لقبَ | ھز ايڪسيلنسي |
رهائش | وڏي وزير جو گهر، ڪراچي |
مقرر ڪندڙ | سنڌ صوبائي اسيمبلي |
عھدي جي مدت | پنج سال |
شروعات | محمد ايوب کھڙو |
تشڪيل | آگسٽ 23، 1947ع |
ويب سائيٽ | cm |
بند ڪريو
وڏو وزير ۽ چيف سيڪريٽري صوبائي حڪومت جا سربراھہ ھوندا آھن. وڏي وزير جي چونڊ صوبائي اسيمبلي ڪندي آھي ۽ ھو قانون ساز اداري جو سربراھہ ھوندو آھي. وڏي وزير جو دفتر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آھي، جنھن کي سي ايم سيڪريٽيٽ (انگريزي: CM Secretariat) چيو ويندو آھي، ھن جي سرڪاري رھائشگاھ پڻ ڪراچي ۾ آھي جنھن کي وڏي وزير جو گهر (انگريزي: Chief Minister House) چيو ويندو آھي.[1]