مـحمـد ايوب کهڙو
سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پاڪستان جو اڳوڻو دفاع جو وزير / From Wikipedia, the free encyclopedia
محمد ايوب کھڙو (انگريزي: Muhammad Ayub Khuhro ) سنڌ جو سياستدان محمد -ايوب کهڙو- 14 -آگسٽ- 1901ع تي، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’عاقل‘ ۾ ڄائو. مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ -تعليم- حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ سندس پيءُ شاهه محمد کهڙي جي وفات کان پوءِ، -تعليم- اڌ ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي واپس ويو ۽ پوءِ جلد ئي سياست ۾ حصو ورتائين.[1].هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ پڙهي، سيڪنڊري تعليم لاءِ لاڙڪاڻي جي واحد انگريزي مدرسي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان ڇهه درجا پاس ڪري پوءِ سنڌ ۾ مئٽرڪ لاءِ اهل حيثيت صاحبن جي اولاد لاءِ واحد اسڪول سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتان اٽڪل 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج ۾ دخلا ورتائين. پاڻ اڃان ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيو ته سندس والد ميان شاهه محمد 1920ع ۾ وفات ڪئي. نيٺ کهڙو صاحب تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي. گهر ۾ وڏي پٽ هئڻ سبب پنهنجي والد جي ڇڏيل زمينداري سنڀالڻ شروع ڪئي. جڏهن محمد ايوب کهڙو صاحب ڪٽنب ۽ جائداد جي ذميواري سنڀالي. ان وقت سندس عمر صرف 19 سال هئي.[2].
محمد ايوب کهڙو خانبهادر | |
---|---|
وزير اعلي سنڌ | |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | 14 آگسٽ 1901 ڳوٺ عاقل ، لاڙڪاڻو ضلعو، برٽش انڊيا |
وفات | 20 آڪٽوبر 1980 |
سياسي جماعت | آل انڊيا مسلم ليگ، پاڪستان مسلم ليگ، |