خيرپور ناٿن شاھ
From Wikipedia, the free encyclopedia
خيرپور ناٿن شاھ (انگريزي: Khairpur Nathan Shah مخفف ڪي اين شاهه (انگريزي K. N. Shah)) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادوءَ جي چئن تعلقن ميهڙ، جوهي ۽ دادو مان ھڪ آهي. شهر خيرپورناٿن شاہ پنهنجي تعلقي جو صدر مقام پڻ آهي.[1] ھن شھر جو جاگرافيائي مقام 27.1° اتر الٽيٽيوڊ , 67.73° اوڀر لانگيٽيوڊ آھي . ھي شھر سمنڊ جي سطح کان 29 ميٽر يعني 87 فوٽ اوچو آهي. 1998ع جي مردم شماري جي مطابق تعلقي جي ڪل آبادي 2,80,000 هئي ۽ هن وقت 2017 جي مردم شماري جي انگن اکرن مطابق 3،34،258 آھي. آبادي جو وڏو انگ اڄ به شھر جي برعڪس ٻھراڙيءَ ۾ رھي ٿو. ھن تعلقي جا مکيه ۽ ننڍا وڏا ڳوٺ جن ۾ ڪڪڙ (هي شهر برطانوي هندستان جي دور ۾ تعلقي جي حيثيت ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هئو)، گوزو، سيتا اسٽيشن (ضياء آپيشاهي جي حڪومتي دور ۾ هن شهر کي شهر ۾ مدفون ٿيل بزرگ هستي ملا رحماني جي نالي سان جوڙيندي سيتا کي ميساري رحماني ننگر رکيو ويو پر عوامي سطح تي هي شهر اڄ به پنهنجي اصلي نالي پويان سڏجي ۽ پڪارجي ٿو)، خانپور، چوکنڊي، ميرحسن اچي وڃن ٿا هي سڀئي وستيون ۽ وسنديون اڄ به شهر سان سلهاڙيل آھن.
خيرپور ناٿن شاھ | |
---|---|
شھر | |
ڪي.اين.شاھ | |
سنڌ جي نقشي ۾ دادو ضلعو ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ: Khairpur Nathan Shah town 27.06°N 67.44°E / 27.06; 67.44 | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | دادو |
حڪومت | |
• صوبائي اسيمبلي جو ميمبر | عزيز جوڻيجو |
خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو جو ٻيون نمبر وڏو تعلقو به آهي.هن جي اولهه ۾ ڪاڇي وارو علائقو ۽ صوبو بلوچستان آهي، اتر-اوڀر ۾ تعلقي ميهڙ سان گڏ ضلعي قمبر-شهداد ڪوٽ جي تعلقي قمبر جو دنگ به لڳي ٿو. ڏکڻ-اولهه ۾ تعلقو جوهي ۽ اوڀر ۾ تقريبن 20 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي سنڌو درياءَ آهي.