عباسي خلافت
ٽين اسلامي رياست / From Wikipedia, the free encyclopedia
عباسي خلافت (Abbasid dynasty), اسلام جي عظيم ۽ اهم خلافت هئي. خلافت اميہ جي خاتمي سان عباسي گھراڻي ھن نئين خلافت جو بنياد وڌو . خلافت جو نالو عباسين حضرت محمد صلي عليه والهٖ وسلم جي ننڍي چاچي حضرت عباس رضي الله عنه (566-653) جي پٺيان رکيو. انھن جي دعويٰ هئي تہ اھي حضرت عباس رضي الله عنه جي پشت مان آهن. هنن حڪومت گهڻو ڪري بغداد هاڻوڪي عراق مان ڪئي. ھن خلافت جو بنياد 750ع ۾ أبو العباس عبد الله بن محمد السفّاح رکيو جيڪو عباسي گھراڻي جو پھريون خليفو ھيو. اھا خلافت بغداد ۾ 1258 ۾ ختم ٿي[2]، پر رسمن مصر ۾ 1517 تائين قائم رھي.
خلافت عباسيہ ٱلْخِلَافَة ٱلْعَبَّاسِيَّة | |
---|---|
750 1258 (بغداد ۾ زوال )
1261– 1517 (قاھرہ ۾ زوال) | |
ڪارو جھنڊو[1] | |
حیثیت | ايمپائر (750–1258) رسمي شاھي گھراڻي جي بنياد تي قاھرہ ۾ مملوڪ سلطنت (1261–1517) |
گادي جو هنڌ | |
مذهب | سني اسلام |
حڪومت | خلافت |
شروع ۾ هنن ڪوفي کي پنهنجي خلافت جو مرڪز بڻايو پر بعد ۾ خليفي المنصور 662 ۾ ساناني سلطنت جي گادي جي هنڌ سيٽسفون ڀرسان بغداد جو شهر جو بنياد رکيو جيڪو ايران جي سرحد جي ڀرسان هو. ان وقت خلافت عباسيہ گهڻو تڻو ايراني ڪامورن تي اعتماد ڪيو ۽ ڪيترن حڪمران خليفن ايراني رسمون کي پڻ اپنايو.
عباسين جو دور اسلام جو سنهري دور سڏجي ٿو. هن دور ۾ بغداد علم ادب سائنس تحقيق ايجادات جو مرڪز بڻجي ويو هر طرف کان ماڻهن علم حاصل ڪرڻ لاء بغداد جو رخ ٿي ڪيو.
مملوڪ سلطنت جي سلطان ملڪ ظاهر بيبرس عباسي شهزادي ابو القاسم احمد جي هٿ تي بعيت ڪئي ۽ عباسين جو خطبو پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ انهن جو سڪو بڻ جاري ڪيو. ان کان پوء خلافت عباسيہ جو مرڪز قاهره بڻجي ويو. پر 1517 ۾ عثمانيه خلافت ۾ قاهره جي فتح سان عباسي خلافت جو مڪمل خاتمو ٿي ويو.