![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/2/27/Audience_with_Imam_Hossein_%2528cropped%2529_by_Hossein_Qollar_Aqasi%252C_Reza_Abbasi_Museum.jpg/640px-Audience_with_Imam_Hossein_%2528cropped%2529_by_Hossein_Qollar_Aqasi%252C_Reza_Abbasi_Museum.jpg&w=640&q=50)
حسين ابن علي
چوٿين خليفي حضرت علي جو ننڍو پٽ / From Wikipedia, the free encyclopedia
اسان جڏهن اسلامي تاريخ جي ڪتابن جو گهرائي سان مطالعو ڪنداسين ته اسان کي اهو چڱي ريت معلوم ٿي ويندو ته امام حسين ننڍپڻ کان ئي اهي سڀ خصوصيتون هيون، جيڪي مذهبن جي تاريخ عظيم ڪردارن لاءِ مخصوص آهن. پاڻ گهٽ ڳالهائڻ پسند ڪندو هو. عمر ۽ مرتبي جي لحاظ کان فضيلت رکڻ وارن جو ادب ۽ احترام ڪندو هو. هم عمر وارن سان خلوص ۽ گفتگو ۾ نرمي اختيار ڪندو هو. اهي سندن ابتدائي عمر جا ئي سندس سيرت جا نمايا جوهر هئا.
![]() | ممڪن آهي هن مضمون جي مواد کي وڪي (انسائيڪلوپيڊيا) طرز تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيءَ وڪيپيڊيا جي ڪيفيت معيار تي پوري لهي سگهي۔ مهرباني ڪري مضمون ۾ اندروني لاڳاپيل رابطا وجهي ڪري يا مضمون جي خاڪي ۾ بهتري آڻي مدد ڪريو۔ |
![]() | هن مضمون جي اڻ ڌُريائپ (غير جانبداري) تڪراري آهي. مهرباني ڪري هن مضمون جو جانبداري وارو مَواد ڊانهيو يا ترميم ڪري انکي اڻ ڌُريو بڻايو يا مضمون جي بحث صفحو تي راءِ ڏيو. |
حسين ابن علي | |
---|---|
(عربي ۾: أبو عبد الله الحُسين بن علي بن أبي طالب) ![]() | |
![]() | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 9 جنوري 626 ![]() مدينو ![]() |
موت | 12 آڪٽوبر 680 (54 سال) ![]() ڪربلا ![]() |
قتل | شمر ![]() |
شھريت | ![]() ![]() ![]() |
ٻار | زين العابدين [1] ![]() |
پيءُ | علي ![]() |
ماءُ | فاطمه زهرا ![]() |
ڀاءُ ڀيڻ | |
عملي زندگي | |
نمايان شاگرد | زين العابدين ![]() |
پيشو | شاعر ![]() |
مادري ٻولي | ڪلاسيڪي عربي ![]() |
ڪم جي ٻولي | ڪلاسيڪي عربي [2] ![]() |
عسڪري خدمتون | |
لڙائيون ۽ جنگيون | ڪربلا جي جنگ ![]() |
ترميم ![]() |
پاڻ ڪيتري قدر ته مهذب هو ۽ سندس تربيت ڪيتري ته اعليٰ ٿيل هئي انهيءَ جو اندازو هڪ واقعي مان ظاهر ٿي ٿو ”هڪ ڀيرو پاڻ مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويو ته سندس وڏو ڀاءُ امام حسن ته ساڻس گڏ هو، جڏهن پاڻ مسجد ۾ پتهو ته ڏٺائين ته هڪ صحابي وضو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هن جي وضو ڪرڻ جو طريقو درست نه آهي، جيڪڏهن ڪو ٻيو ٻار هجي ها ته غلط طريقي سان وضو ڪرڻ واري کي سخت لفظن ۾ ٽوڪي ها يا ان جو مذاق اڏائي ها، ان بزرگ جي غلطيءَ تي ٺٺولي ڪري ها، ليڪن تهذيب ۽ تمدن ۽ اخلاق و شائستگيءَ جي هن پيڪر عظيم اهو طريقو اختيار ڪيو جو دوست ته دوست ليڪن دشمن جي زبان مان واهه واهه جا لفظ نڪتا. پاڻ ڇا ڪيائين، جو ان صحابي کي چيائين ته ”اوهان اسان ٻنهي ڀائرن جو وضو ڪرڻ ڏسو ۽ پوءِ ٻڌايو ته اسان مان ڪير صحيح آهي“ پاڻ وضو ڪيائين ۽ ان صحابيءَ سندس وضو ڪرڻ کي ڏسي پنهنجي غلطي محسوس ڪري ورتي ۽ چيائين ”اوهين ٻئي صحيح آهيو، پر منهنجو طريقو غلط هو ۽ هاڻ منهنجي پاڻ اصلاح ٿي وئي“. امام حسين جي سيرت طينه جو مطالعو ڪرڻ سان اسان کي معلوم ٿي ٿو ته پاڻ پنهنجي هر عمل جي ذريعي انسانن کي صحيح دڳ تي هلڻ جو درس ڏنائين، جنهن تي هلي ماڻهو پنهنجي منزل ۽ مقصد ماڻي سگهي ٿو.
حضرت امام حسين عليه السلام، حضرت علي ۽ بيبي فاطمه جو فرزند ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو ڏهٽو 3 شعبان 4ھ مطابق 8 -جنوري- 626ع تي پيدا ٿيو، امامت جي سلسلي ۾ ٽيون نمبر امام آهن. امام حسين جي ڪنيت ابو عبدالله، سيد شباب اهل الجنة ۽ لقب سيد الشهداء آهي. امام حسين عليه السلام جي ولادت کان پوءِ حضور صلي الله عليه وسلم خوشيءَ مان حضرت علي عليه اسلام ۽ بيبي فاطمه جي گهر آيا ۽ مولود جي ڪنن ۾ اذان ۽ اقامت ڏئي، سندس نالو ”حسين“ رکيائون. امام حسين عليه السلام، حضور جن جي سايه شفقت ۾ پليا. ننڍپڻ واري دور ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو امام حسين سان گهڻو پيار ۽ محبت هئي ۽ اهڙا گهڻائي واقعا ملن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو. پاڻ سڳورا امام حسين سان غير معمولي محبت ۽ شفقت ڪندا هئا. امام جن اڃا مس ستن سالن جا هئا ته حضور صلعم -جن- جي سايه شفقت کان محروم ٿي ويا. حضرت علي عليه السلام جي دور خلافت ۾ پاڻ بلڪل جوان ٿي چڪا هئا ۽ پنهنجي والد سان گڏ جنگ جمل، جنگ صفين ۽ جنگ نهروان ۾ شامل رهيا. تاريخ گواهه آهي ته ننڍپڻ جي دور ۾ پهرين 11ھ ۾ پنهنجي ناني حضور صلي الله عليه وسلم ۽ ماءُ بيبي فاطمه جي جدائيءَ جو داغ برداشت ڪيائون ۽ 40ھ ۾ پنهنجي والد حضرت علي عليه السلام ۽ 50ھ ۾ پنهنجي ڀاءُ امام حسن عليه السلام جي جدائيءَ جو صدمو برداشت ڪيائون. پاڻ قرآن جو مطلب ۽ حديثون اڪثر فرمائيندا هئا. عبادت، رياضت، ڪثرت سان نفل پڙهڻ ۽ دين محمديءَ جو پيغام پهچائڻ سندن دستور هو. اڪثر روزي ۾ رهندا هئا، ڪافي حج ۽ عمره ڪيائون. ميدان ڪربلا ۾ سندن شهادت واري واقعي تي وڏن وڏن عالمن ۽ مورخن بيشمار ڪتاب لکيا آهن. امام حسين عليه السلام، اسلام جي اوسر زمانو پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. اسلامي تاريخ جا سڀئي واقعا سندن اکين آڏو هئا. 56ھ (675ع) ۾ جڏهن حالاتون تمام گهڻيون بگڙجي ويو ۽ يزيد کي ولي عهد مقرر ڪيو ويو، تڏهن پاڻ يزيد جي وڏي مخالفت ڪيائون. ان مخالفت تي حڪومت شام کان جواب طلبي ٿي، جنهن جي جواب ۾ امام حسين عليه السلام حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ پنهنجي خيالن کي بيان ڪندي يزيد جي ولي عهد واري حيثيت کي ناجائز قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيائون ۽ بيعت طلب ڪرڻ تي امام حسين عليه السلام بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. معاملا سنگين ٿيندا ويا، تان جو ڪربلا جو واقعو پيش آيو. يزيد جي حڪم تي امام حسين عليه السلام کي 10 محرم 60ھ مطابق 10 آڪٽوبر 680ع تي پنهنجي مائٽن ۽ انصارن سميت ڪربلا ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس تربت ڪربلا معليٰ ۾ آهي.[3]